نئين عهد نامي

فلپين 3:1-5 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. آخر ۾، اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! خداوند سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي حالت ۾ اوھين خوش رھو. ساڳيون ڳالھيون اوھان ڏانھن وري لکندي مون کي ڪابہ تڪليف ڪونہ ٿي ٿئي، پر اٽلندو انھيءَ ۾ اوھان جي لاءِ سلامتي آھي.

2. ڪتن کان خبردار رھجو، يعني انھن ماڻھن کان جيڪي برائي ٿا ڪن ۽ جيڪي بدن کي وڍائڻ لاءِ زور ٿا ڪن.

3. ڇالاءِ⁠جو حقيقي طھر ڪرايل اسين آھيون، جيڪي خدا جي روح جي وسيلي سندس عبادت ڪريون ٿا. اسين عيسيٰ مسيح تي فخر ٿا ڪريون ۽ جسماني ڳالھين تي ويساھہ نہ ٿا رکون،

4. جيتوڻيڪ آءٌ اھڙين ڳالھين تي بہ ويساھہ رکي ٿو سگھان.جيڪڏھن ڪو ٻيو ماڻھو سمجھي ٿو تہ ھو جسماني ڳالھين تي ويساھہ رکي ٿو سگھي، تہ آءٌ انھيءَ کان بہ وڌيڪ رکي ٿو سگھان.

5. انھيءَ لاءِ جو اٺين ڏينھن منھنجو طھر ٿيو، آءٌ بني اسرائيل جي قوم ۽ بنيامين جي قبيلي ۾ پيدا ٿيس، آءٌ عبرانين جو پڪو عبراني ۽ شريعت جي لحاظ کان فريسي ھوس.

مڪمل باب پڙهڻ فلپين 3