نئين عهد نامي

فليمون 1:4-12 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

4. جڏھن بہ آءٌ دعا ٿو گھران، تڏھن تو کي ياد ٿو رکان ۽ ھميشہ خدا جو شڪر ٿو ڪريان.

5. ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ تنھنجي باري ۾ ٻڌندو آھيان تہ تون خداوند عيسيٰ سان محبت ڪرين ٿو ۽ مٿس ايمان رکين ٿو ۽ سڀني ايمان وارن سان بہ محبت ڪرين ٿو.

6. منھنجي دعا آھي تہ تون سرگرميءَ سان پنھنجو عقيدو ونڊين، ڇوتہ ائين ڪرڻ سان اسان ۾ موجود مسيح وارين برڪتن جي تو ۾ پوري پوري ڄاڻ پيدا ٿيندي.

7. تنھنجيءَ محبت مون کي وڏي خوشي ۽ تسلي ڏني آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ ادا، تو ائين ايمان وارن جي دلين کي تازگي بخشي آھي.

8. آءٌ مسيح جي ڪري ايترو دلير ٿي سگھيس ٿي جو تو کي ان ڪم ڪرڻ جو حڪم ڪريان جيڪو تو کي ڪرڻو آھي.

9. پر تنھن ھوندي بہ آءٌ پيرسن پولس ۽ ھاڻي عيسيٰ مسيح جي ڪري قيد ٿيل، تو کي پيار مان عرض ٿو ڪريان.

10. منھنجو عرض اُنيسمس جي باري ۾ آھي، جنھن کي مون قيد ۾ ھوندي پنھنجو پٽ بڻايو آھي.

11. ھو اڳي تہ تنھنجي ڪنھن بہ ڪم جو ڪونہ ھو، پر ھاڻي تنھنجي توڙي منھنجي، ٻنھي جي ڪم جو آھي.

12. آءٌ اُنيسمس کي تو ڏانھن موٽائي ٿو موڪليان، جنھن سان منھنجي ڏاڍي دل آھي.

مڪمل باب پڙهڻ فليمون 1