نئين عهد نامي

فليمون 1:17-25 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

17. سو جيڪڏھن تون مون کي پنھنجو ساٿي ٿو سمجھين تہ ھن جو آڌرڀاءُ ائين ڪج جيئن جيڪر منھنجو ڪرين ھا.

18. جيڪڏھن ھن تنھنجي ڪا غلطي ڪئي آھي، يا تنھنجو ڪو لھڻو ليکو اٿس تہ اھو منھنجي کاتي سمجھہ.

19. آءٌ پولس پنھنجي ھٿ سان لکي ٿو ڏيان تہ ھن جو ھرج⁠نرج آءٌ پاڻ ڀري ڏيندس. باقي ائين دھرائڻ جو ڪو ضرور ئي ڪونھي تہ تنھنجي جان ئي منھنجي ٿڌي ٿوري آھي.

20. اسين خداوند جا آھيون. تنھنڪري اي ادا! منھنجي خواھش آھي تہ تو کان مون کي خوشي ملي. مسيحي ڀاءُ ھجڻ ڪري تون منھنجي دل کي حوصلو ڏي.

21. آءٌ تو ڏانھن انھيءَ يقين سان ٿو لکان تہ تون منھنجو عرض پورو ڪندين، بلڪ منھنجي چوڻ کان بہ وڌيڪ ڪري ڏيکاريندين.

22. ٻي ڳالھہ تہ منھنجي ٽڪڻ لاءِ ھڪ ڪمرو تيار رکج، ڇوتہ اميد ٿو ڪريان تہ اوھانجين دعائن جي بدلي ۾ خداوند مون کي آزاد ڪري اوھان وٽ آڻيندو.

25. شل خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل اوھان سڀني تي ھجي. آمين.

مڪمل باب پڙهڻ فليمون 1