نئين عهد نامي

فليمون 1:1-2 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. ھي خط عيسيٰ مسيح جي ڪري قيد ٿيل پولس ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان آھي.ھي خط تو، فليمون اسان جي پياري دوست ۽ گڏجي ڪم ڪندڙ ڏانھن،

2. ۽ اسان جي ڀيڻ افيا ۽ اسان وانگر مسيح جي سپاھي ارخپس ڏانھن موڪلجي ٿو. انھيءَ کان سواءِ ھي تنھنجي گھر ۾ گڏ ٿيندڙ ڪليسيا ڏانھن پڻ آھي.

مڪمل باب پڙهڻ فليمون 1