نئين عهد نامي

عبرانين 6:15-20 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

15. اھڙيءَ طرح ابراھيم صبر ڪري اھا واعدي ڪيل برڪت حاصل ڪئي.

16. ماڻھو پاڻ کان ڪنھن وڏي جو ئي قسم کڻندا آھن ۽ سندن ھر ڳالھہ ۽ ھر تڪرار جي آخرين ثابتي قسم ئي ھوندو آھي.

17. تنھنڪري خدا انھن کي جيڪي ڪيل واعدي جي برڪت حاصل ڪندا، اھو وڌيڪ صفائيءَ سان ڏيکارڻ گھريو تہ سندس ارادي ۾ ڪابہ ڦيرگھير ڪانہ ٿيندي، انھيءَ ڪري قسم بہ کنيائين.

18. سو خدا جو واعدو ۽ قسم ٻئي اھڙيون شيون آھن جيڪي بدلجي نہ ٿيون سگھن ۽ جن جي باري ۾ خدا جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آھي. ھاڻي خدا ائين ھن ڪري ڪيو تہ اسين، جيڪي سندس پناھہ وٺڻ لاءِ ڊوڙيا آھيون، تن کي پڪيءَ طرح خاطري ٿئي تہ انھيءَ اميد کي جيڪا اسان جي اڳيان رکي آھي ھٿ ڪري سگھون.

19. اھا اميد اسان جي جان لاءِ اھڙي لنگر مثل آھي، جيڪو مضبوط ۽ قائم آھي. اھا پردي جي پٺيان اندرين ھيڪل تائين بہ وڃي پھچي ٿي.

20. اتي عيسيٰ ملڪصدق جي طريقي موجب ھميشہ جي لاءِ سردار ڪاھن ٿي اسان جي خاطر، اسان جي پيشوا جي حيثيت ۾ داخل ٿيو آھي.

مڪمل باب پڙهڻ عبرانين 6