نئين عهد نامي

عبرانين 6:11-16 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

11. اسان جي خواھش آھي تہ اوھان مان ھر ڪو پنھنجيءَ اميد کي يقيني بنائڻ لاءِ پڇاڙيءَ تائين ساڳيءَ طرح ڪوشش ڪندو رھي.

12. اسين چاھيون ٿا تہ اوھين سست نہ ٿيو، پر انھن جا پيروي ڪندڙ ٿيو، جيڪي ايمان ۽ صبر جي ڪري خدا جي ڪيل واعدن جا وارث ٿا ٿين.

13. خدا جڏھن ابراھيم سان واعدو ڪيو تڏھن ھن پنھنجو ئي قسم کنيو، ڇالاءِ⁠جو کانئس وڏو ڪوبہ نہ ھو.

14. خدا فرمايو تہ”يقيناً آءٌ تو کي برڪتون ڏيندو رھندس۽ تنھنجو اولاد گھڻو وڌائيندس.“

15. اھڙيءَ طرح ابراھيم صبر ڪري اھا واعدي ڪيل برڪت حاصل ڪئي.

16. ماڻھو پاڻ کان ڪنھن وڏي جو ئي قسم کڻندا آھن ۽ سندن ھر ڳالھہ ۽ ھر تڪرار جي آخرين ثابتي قسم ئي ھوندو آھي.

مڪمل باب پڙهڻ عبرانين 6