نئين عهد نامي

عبرانين 4:7-15 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

7. تنھنڪري گھڻي وقت کان پوءِ خدا وري ھڪڙو خاص ڏينھن مقرر ڪيو جنھن کي ”اڄ“ سڏيو ويو، جڏھن دائود جي وسيلي اڳي وانگر فرمايو ويو تہ”جيڪڏھن اڄ اوھين ھن جو آواز ٻڌوتہ پنھنجون دليون سخت نہ ڪجو.“

8. سو جيڪڏھن يشوع انھن کي آرام ۾ داخل ڪري ھا تہ خدا انھيءَ کان پوءِ ڪنھن ٻئي ڏينھن جو ذڪر نہ ڪري ھا.

9. تنھنڪري خدا جي ماڻھن لاءِ سبت جو آرام باقي رھيل آھي.

10. ڇالاءِ⁠جو جيڪو خدا جي آرام ۾ داخل ٿئي ٿو، سو بہ پنھنجي ڪمن کان پوءِ ائين آرام ڪري ٿو جيئن خدا ڪيو.

11. تنھنڪري اچو تہ اسين انھيءَ آرام ۾ داخل ٿيڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪريون، انھيءَ لاءِ تہ متان ائين نہ ٿئي تہ ڪو انھن وانگر نافرمانيءَ جي ڪري گمراھہ ٿئي.

12. ڇالاءِ⁠جو خدا جو ڪلام جيئرو ۽ اثرائتو آھي. اھو ٻہ⁠منھين تلوار کان بہ تکو آھي، اھڙو اندر ۾ چڀيو وڃي جو جان کي روح کان ۽ سنڌن کي مِکُ کان ڌار ڪيو ڇڏي. اھو دل جي خيالن ۽ ارادن کي جاچي ٿو.

13. ڪابہ خلقيل شيءِ خدا کان لڪل ڪانھي، بلڪ جنھن کي اسين حساب ڏينداسين تنھن جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کليل آھن.

14. تنھنڪري جڏھن تہ اسان جو ھڪڙو وڏو سردار ڪاھن آھي، يعني خدا جو فرزند عيسيٰ، جيڪو آسمانن مان لنگھي ويو آھي، تڏھن اچو تہ اسين پنھنجي اقرار تي مضبوطيءَ سان قائم رھون.

15. ڇالاءِ⁠جو اسان جو سردار ڪاھن اھڙو ناھي جو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان جو ھمدرد نہ ٿي سگھي، پر ھو اھڙو آھي جو ھر طرح سان اسان وانگر آزمايو ويو آھي، تڏھن بہ بي⁠گناھہ ثابت ٿيو.

مڪمل باب پڙهڻ عبرانين 4