نئين عهد نامي

عبرانين 4:2-16 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

2. ڇالاءِ⁠جو اسان کي بہ انھن وانگر ئي خوشخبري ٻڌائي ويئي. پر جيڪو پيغام انھن ٻڌو تنھن کين ڪو فائدو نہ رسايو، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن ايمان سان نہ ٻڌو.

3. ھاڻي اسين ايمان آڻيندڙ انھيءَ آرام ۾ داخل ٿا ٿيون، جھڙيءَ طرح خدا فرمايو آھي تہ”تنھنڪري مون ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ’ھو منھنجي آرام ۾ ڪڏھن بہ داخل نہ ٿيندا.‘“ جيتوڻيڪ دنيا جي بنائڻ وقت ھن جا ڪم پورا ٿي چڪا ھئا.

4. ڇالاءِ⁠جو پاڪ ڪلام ۾ ستين ڏينھن بابت ھيئن فرمايو ويو آھي تہ”خدا پنھنجي سڀني ڪمن کي پورو ڪريستين ڏينھن آرام ڪيو.“

5. جيئن خدا اڳي ئي فرمايو آھي تہ”ھو منھنجي آرام ۾ ڪڏھن بہ داخل نہ ٿيندا.“

6. سو اھا ڳالھہ اڃا باقي آھي تہ ڪي ماڻھو انھيءَ آرام ۾ داخل ٿيندا. پر اھي جن کي پھريائين خوشخبري ٻڌائي ويئي ھئي، سي پنھنجي نافرمانيءَ جي ڪري داخل نہ ٿيا.

7. تنھنڪري گھڻي وقت کان پوءِ خدا وري ھڪڙو خاص ڏينھن مقرر ڪيو جنھن کي ”اڄ“ سڏيو ويو، جڏھن دائود جي وسيلي اڳي وانگر فرمايو ويو تہ”جيڪڏھن اڄ اوھين ھن جو آواز ٻڌوتہ پنھنجون دليون سخت نہ ڪجو.“

8. سو جيڪڏھن يشوع انھن کي آرام ۾ داخل ڪري ھا تہ خدا انھيءَ کان پوءِ ڪنھن ٻئي ڏينھن جو ذڪر نہ ڪري ھا.

9. تنھنڪري خدا جي ماڻھن لاءِ سبت جو آرام باقي رھيل آھي.

10. ڇالاءِ⁠جو جيڪو خدا جي آرام ۾ داخل ٿئي ٿو، سو بہ پنھنجي ڪمن کان پوءِ ائين آرام ڪري ٿو جيئن خدا ڪيو.

11. تنھنڪري اچو تہ اسين انھيءَ آرام ۾ داخل ٿيڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪريون، انھيءَ لاءِ تہ متان ائين نہ ٿئي تہ ڪو انھن وانگر نافرمانيءَ جي ڪري گمراھہ ٿئي.

12. ڇالاءِ⁠جو خدا جو ڪلام جيئرو ۽ اثرائتو آھي. اھو ٻہ⁠منھين تلوار کان بہ تکو آھي، اھڙو اندر ۾ چڀيو وڃي جو جان کي روح کان ۽ سنڌن کي مِکُ کان ڌار ڪيو ڇڏي. اھو دل جي خيالن ۽ ارادن کي جاچي ٿو.

13. ڪابہ خلقيل شيءِ خدا کان لڪل ڪانھي، بلڪ جنھن کي اسين حساب ڏينداسين تنھن جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کليل آھن.

14. تنھنڪري جڏھن تہ اسان جو ھڪڙو وڏو سردار ڪاھن آھي، يعني خدا جو فرزند عيسيٰ، جيڪو آسمانن مان لنگھي ويو آھي، تڏھن اچو تہ اسين پنھنجي اقرار تي مضبوطيءَ سان قائم رھون.

15. ڇالاءِ⁠جو اسان جو سردار ڪاھن اھڙو ناھي جو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان جو ھمدرد نہ ٿي سگھي، پر ھو اھڙو آھي جو ھر طرح سان اسان وانگر آزمايو ويو آھي، تڏھن بہ بي⁠گناھہ ثابت ٿيو.

16. تنھنڪري اچو تہ دليريءَ سان فضل واري تخت کي ھلي ويجھا ٿيون، تہ جيئن اسان تي رحم ٿئي ۽ اسين اھو فضل حاصل ڪريون جيڪو ضرورت جي وقت اسان جي مدد ڪري.

مڪمل باب پڙهڻ عبرانين 4