نئين عهد نامي

عبرانين 4:1-6 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. جڏھن تہ خدا جي آرام ۾ داخل ٿيڻ جو واعدو اڃا باقي رھيل آھي، تڏھن اسان کي خبردار رھڻ گھرجي تہ متان ائين نہ ٿئي جو اوھان مان ڪو پوئتي رھيل نظر اچي.

2. ڇالاءِ⁠جو اسان کي بہ انھن وانگر ئي خوشخبري ٻڌائي ويئي. پر جيڪو پيغام انھن ٻڌو تنھن کين ڪو فائدو نہ رسايو، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن ايمان سان نہ ٻڌو.

3. ھاڻي اسين ايمان آڻيندڙ انھيءَ آرام ۾ داخل ٿا ٿيون، جھڙيءَ طرح خدا فرمايو آھي تہ”تنھنڪري مون ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ’ھو منھنجي آرام ۾ ڪڏھن بہ داخل نہ ٿيندا.‘“ جيتوڻيڪ دنيا جي بنائڻ وقت ھن جا ڪم پورا ٿي چڪا ھئا.

4. ڇالاءِ⁠جو پاڪ ڪلام ۾ ستين ڏينھن بابت ھيئن فرمايو ويو آھي تہ”خدا پنھنجي سڀني ڪمن کي پورو ڪريستين ڏينھن آرام ڪيو.“

5. جيئن خدا اڳي ئي فرمايو آھي تہ”ھو منھنجي آرام ۾ ڪڏھن بہ داخل نہ ٿيندا.“

6. سو اھا ڳالھہ اڃا باقي آھي تہ ڪي ماڻھو انھيءَ آرام ۾ داخل ٿيندا. پر اھي جن کي پھريائين خوشخبري ٻڌائي ويئي ھئي، سي پنھنجي نافرمانيءَ جي ڪري داخل نہ ٿيا.

مڪمل باب پڙهڻ عبرانين 4