نئين عهد نامي

عبرانين 11:19-36 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

19. ڇالاءِ⁠جو ھن سمجھيو تہ خدا کي مئلن مان جيارڻ جي قدرت آھي، سو انھن مان ئي ھن اسحاق کي مثالي طرح وري حاصل ڪيو.

20. ايمان جي ڪري ئي اسحاق يعقوب ۽ عيسوءَ کي سندن مستقبل جي برڪت ڏني.

21. ايمان جي ڪري ئي يعقوب مرڻ مھل يوسف جي ٻنھي پٽن کي برڪت ڏني ۽ پنھنجي لٺ جي چوٽيءَ تي مٿو رکي سجدو ڪيائين.

22. ايمان جي ڪري ئي يوسف مرڻ مھل بني اسرائيل جي مصر ملڪ مان نڪرڻ جو ذڪر ڪيو ۽ پنھنجين ھڏين بابت حڪم ڏنائين.

23. ايمان جي ڪري ئي موسيٰ جي ماءُ⁠پيءُ سندس ڄمڻ کان پوءِ کيس ٽن مھينن تائين لڪائي رکيو، ڇالاءِ⁠جو ھنن ڏٺو تہ ٻار خوبصورت آھي ۽ اھي بادشاھہ جي حڪم کان ڪين ڊنا.

24. ايمان جي ڪري ئي موسيٰ وڏي ٿيڻ تي فرعون جي ڌيءَ جو پٽ سڏائڻ کان انڪار ڪيو.

25. ھن ڪري جو ٿوري وقت تائين گناھہ جي خوشين ماڻڻ جي بدران ھن خدا جي قوم سان گڏ ڏک سھڻ کي وڌيڪ پسند ڪيو.

26. ھن مسيح جي خاطر بي⁠عزت ٿيڻ کي مصر جي خزانن کان وڏي دولت سمجھيو، ڇالاءِ⁠جو ھن جي نظر ملڻ واري اجر تي ھئي.

27. ايمان جي ڪري ئي موسيٰ بادشاھہ جي ڪاوڙ جي پرواھہ نہ ڪئي ۽ مصر ڇڏي ڏنائين. ھو ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ خدا کي ڄڻڪ ڏسي ڪري ثابت⁠قدم رھيو.

28. ايمان جي ڪري ئي ھن عيد فصح جي قرباني ڪئي ۽ رت ڇٽڪاريائين، انھيءَ لاءِ تہ موت جو ملائڪ بني اسرائيل جي پھريتن ٻارن کي ھٿ نہ لائي.

29. ايمان جي ڪري ئي بني اسرائيل ڳاڙھي سمنڊ مان ائين لنگھي ويا جيئن سڪيءَ تان لنگھبو آھي. پر جڏھن مصرين بہ ائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ اھي ٻڏي مئا.

30. ايمان جي ڪري ئي يريحو شھر جون ڀتيون، جڏھن بني اسرائيل انھن جي چوڌاري ست ڏينھن ڦيرا ڏنا تہ اھي ڪري پيون.

31. ايمان جي ڪري ئي راحب ڪسبياڻي نافرمانن سان گڏ ماري نہ ويئي، ڇالاءِ⁠جو ھن جاسوسن کي پاڻ وٽ صحيح سلامت رکيو ھو.

32. ھاڻي وڌيڪ آءٌ ڇا ٻڌايان؟ ايتري واندڪائي ڪانہ اٿم جو گدعون، باراق، سمسون، يفٿاح، دائود، شموايل ۽ ٻين نبين جو ذڪر ڪريان.

33. انھن ايمان جي ڪري ئي بادشاھتون فتح ڪيون، سچائيءَ جا ڪم ڪيا، واعدي ڪيل شين کي حاصل ڪيو ۽ شينھن جا وات بند ڪيائون.

34. ھنن سخت باھہ کي اُجھايو ۽ تلوار جي ڌار کان بہ بچي نڪتا. اھي ڪمزوريءَ مان زورآوار ٿيا، جنگ ۾ بھادر ٿيا ۽ ڌارين فوجن کي ڀڄائي ڪڍيائون.

35. عورتن کي سندن مري ويل وري جيئرا ٿي مليا ۽ ٻيا عذاب سھندي سھندي مري ويا، پر آزادي قبول نہ ڪيائون، انھيءَ لاءِ تہ ٻيھر جيئرا ٿي بھتر زندگي حاصل ڪن.

36. ڪن ماڻھن جي وري کِل ٺٺولي ڪرڻ سان ۽ چھبڪن ھڻڻ سان آزمائش ورتي ويئي، ايتري تائين جو کين زنجيرن سان ٻڌي قيد ۾ وڌو ويو.

مڪمل باب پڙهڻ عبرانين 11