نئين عهد نامي

عبرانين 10:30-39 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

30. ڇالاءِ⁠جو اسين انھيءَ کي ڄاڻون ٿا جنھن چيو تہ”وير وٺڻ منھنجو ڪم آھي،آءٌ ئي بدلو وٺندس.“ ۽ وري ھي تہ”خداوند پنھنجي قوم جو انصاف ڪندو.“

31. زندہ خدا جي ھٿن ۾ اچڻ ھڪ وڏي خوفناڪ ڳالھہ آھي.

32. پر انھن اڳوڻن ڏينھن کي ياد ڪريو، جڏھن روشني حاصل ڪرڻ کان پوءِ اوھان ڏاڍا ڏک سٺا، پوءِ بہ ثابت⁠قدم رھيا.

33. ڪڏھن تہ اوھان طعنن ۽ مصيبتن جي ڪري تماشو بڻيا ۽ ڪڏھن وري اوھان انھن جو ساٿ ڏنو جن سان اھڙي ھلت ٿي.

34. جيڪي قيد ۾ ھئا، تن سان اوھان ھمدردي ڪئي ۽ پنھنجي مال ملڪيت جو لٽجي وڃڻ بہ خوشيءَ سان قبول ڪيو. ڇالاءِ⁠جو اوھان کي خبر ھئي تہ اوھان وٽ بھتر ۽ پائدار ملڪيت موجود آھي.

35. تنھنڪري اوھين پنھنجي ھمت نہ ھاريو، ڇالاءِ⁠جو انھيءَ جو وڏو اجر آھي.

36. اوھان کي صبر ڪرڻ گھرجي، انھيءَ لاءِ تہ خدا جي مرضي پوري ڪري اوھين اھو ڪجھہ حاصل ڪريو، جنھن جو ھن واعدو ڪيو آھي. جيئن لکيل آھي تہ

37. ”تمام ٿوري مدت باقي آھي،جو اچڻ وارو ايندو ۽ دير نہ ڪندو.

38. منھنجا سچار ٻانھوايمان جي ڪري جيئرو رھندا،پر جيڪڏھن انھن مان ڪو پوئتي ھٽندو،تہ آءٌ ھن کان خوش نہ ٿيندس.“

39. مگر اسين انھن مان نہ آھيون جيڪي پوئتي ھٽي ناس ٿا ٿين، بلڪ انھن مان آھيون جيڪي ايمان آڻي پاڻ کي بچائين ٿا.

مڪمل باب پڙهڻ عبرانين 10