نئين عهد نامي

عبرانين 10:3-10 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

3. پر اھي قربانيون سال⁠بسال گناھن جي ياد ڏيارين ٿيون.

4. ڇالاءِ⁠جو ائين ٿي نہ ٿو سگھي جو ڏاندن ۽ ٻڪرين جو رت گناھن کي مٽائي ڇڏي.

5. تنھنڪري ئي مسيح دنيا ۾ اچڻ مھل چيو تہ”تو قربانيءَ ۽ نذراني کي نہ چاھيو،پر تو منھنجي لاءِ ھڪڙو بدن تيار ڪيو.

6. ساڙڻ وارين قربانين۽ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانين کانتون خوش نہ ٿئين.

7. تڏھن مون چيو جيئن پاڪ ڪتاب ۾منھنجي باري ۾ لکيل آھي تہ’ڏس، آءٌ آيو آھيان،انھيءَ لاءِ تہ اي خدا!تنھنجي مرضي پوري ڪريان.‘“

8. پھريائين تہ مسيح چيو تہ ”قربانيون، نذرانا، ساڙڻ واريون قربانيون ۽ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيون تو نہ چاھيون، نڪي تون انھن مان خوش ٿئين، جيتوڻيڪ اھي شريعت موجب چاڙھيون وڃن ٿيون.“

9. پوءِ وري چيائين تہ ”ڏس، آءٌ آيو آھيان، انھيءَ لاءِ تہ تنھنجي مرضي پوري ڪريان.“ اھڙي نموني خدا اڳين قربانين کي رد ڪري مسيح جي قربانيءَ کي قائم ڪري ٿو.

10. خدا جي انھيءَ مرضيءَ جي نتيجي ۾ اسين عيسيٰ مسيح جي بدن جي ھڪڙي ئي دفعي قربان ٿيڻ جي وسيلي پاڪ ڪيا ويا آھيون.

مڪمل باب پڙهڻ عبرانين 10