نئين عهد نامي

عبرانين 10:27-33 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

27. پر عدالت جي ڏينھن جو ۽ انھيءَ قھر واري باھہ جو خوف ۽ انتظار باقي آھي، جيڪا خدا جي دشمنن کي کائي کپائي ڇڏيندي.

28. جڏھن ڪو ماڻھو موسيٰ جي شريعت کي نہ ٿو مڃي تہ ھن کي ٻن يا ٽن ماڻھن جي شاھديءَ تي بي⁠رحميءَ سان ماريو ٿو وڃي،

29. تڏھن اوھين خيال ڪريو تہ ان شخص جو ڇا حشر ٿيندو، جنھن خدا جي فرزند کي پيرن ھيٺ لتاڙيو، عھد جي انھيءَ رت کي ناپاڪ سمجھيو، جنھن سان ھن کي پاڪ ڪيو ويو ھو ۽ فضل بخشيندڙ روح کي بي⁠عزت ڪيائين؟

30. ڇالاءِ⁠جو اسين انھيءَ کي ڄاڻون ٿا جنھن چيو تہ”وير وٺڻ منھنجو ڪم آھي،آءٌ ئي بدلو وٺندس.“ ۽ وري ھي تہ”خداوند پنھنجي قوم جو انصاف ڪندو.“

31. زندہ خدا جي ھٿن ۾ اچڻ ھڪ وڏي خوفناڪ ڳالھہ آھي.

32. پر انھن اڳوڻن ڏينھن کي ياد ڪريو، جڏھن روشني حاصل ڪرڻ کان پوءِ اوھان ڏاڍا ڏک سٺا، پوءِ بہ ثابت⁠قدم رھيا.

33. ڪڏھن تہ اوھان طعنن ۽ مصيبتن جي ڪري تماشو بڻيا ۽ ڪڏھن وري اوھان انھن جو ساٿ ڏنو جن سان اھڙي ھلت ٿي.

مڪمل باب پڙهڻ عبرانين 10