نئين عهد نامي

عبرانين 10:10-23 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

10. خدا جي انھيءَ مرضيءَ جي نتيجي ۾ اسين عيسيٰ مسيح جي بدن جي ھڪڙي ئي دفعي قربان ٿيڻ جي وسيلي پاڪ ڪيا ويا آھيون.

11. ھر ھڪ ڪاھن روزانو بيھي ديني خدمت ٿو ڪري ۽ ھر ھر ساڳيون ئي قربانيون ٿو چاڙھي، جيڪي ڪڏھن بہ گناھن کي مٽائي نہ ٿيون سگھن.

12. پر مسيح گناھن جي لاءِ ھڪڙي ئي قرباني ھميشہ جي واسطي چاڙھي خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.

13. انھيءَ وقت کان وٺي ھو انتظار ۾ آھي تہ سندس دشمنن کي سندس پيرن جي صندلي بڻايو وڃي.

14. ڇالاءِ⁠جو ھن ھڪڙي قرباني چاڙھڻ سان انھن کي ھميشہ جي لاءِ ڪامل ڪري ڇڏيو آھي، جيڪي پاڪ ڪيا ٿا وڃن.

15. پاڪ روح بہ انھيءَ باري ۾ اسان کي شاھدي ڏيئي چوي ٿو تہ

16. ”خداوند فرمائي ٿو تہ’ھي اھو عھد آھي،جيڪو انھن ڏينھن کان پوءِآءٌ ھنن سان ڪندس.آءٌ پنھنجا قانون سندن دلين ۾ وجھندس،۽ سندن ذھنن تي اھي نقش ڪندس.‘“

17. ھو وڌيڪ چوي ٿو تہ”ھنن جا گناھہ ۽ ھنن جون بڇڙايونآءٌ وري ياد نہ ڪندس.“

18. ھاڻي جڏھن تہ ھنن جي معافي ٿي ويئي آھي تڏھن وري گناھن لاءِ قربانيءَ جي ضرورت نہ آھي.

19. تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان کي پورو ڀروسو آھي تہ اسين عيسيٰ جي رت جي ڪري انھيءَ مقدس ترين جاءِ ۾ داخل ٿي سگھون ٿا.

20. عيسيٰ اسان جي لاءِ پردي منجھان ھڪ نئون ۽ جيئرو رستو کوليو آھي ۽ اھو پردو سندس جسم آھي.

21. ھو اسان جو اھڙو وڏو ڪاھن آھي، جيڪو خدا جي گھر جو مختيار آھي.

22. ھاڻي جيئن تہ اسان جو ضمير گناھن کان پاڪ ٿيل آھي ۽ اسان جو جسم صاف پاڻيءَ سان ڌوتل آھي، تنھنڪري اچو تہ سچيءَ دل سان ۽ پوري يقين سان خدا کي ويجھا ٿيون.

23. اچو تہ جنھن اميد جو اسين اقرار ٿا ڪريون تنھن کي سوگھو جھليون، ڇالاءِ⁠جو جنھن واعدو ڪيو آھي سو سچو آھي.

مڪمل باب پڙهڻ عبرانين 10