نئين عهد نامي

عبرانين 10:1-8 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. حقيقت ۾ شريعت اچڻ وارين چڱين شين جو رڳو پاڇو آھي، انھن جي اصلي صورت ناھي. تنھنڪري سال⁠بسال جيڪي ساڳيون ئي قربانيون ھميشہ ڪيون وڃن ٿيون، تن جي وسيلي اھا شريعت خدا ڏانھن ويجھو ايندڙ ماڻھن کي ڪڏھن بہ ڪامل نہ ٿي ڪري سگھي.

2. جيڪڏھن شريعت ائين ڪري سگھي ھا تہ ڇا اھي قربانيون چاڙھڻ بند نہ ڪري ڇڏين ھا؟ ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن عبادت ڪندڙ ھڪ ئي دفعي بلڪل پاڪ ٿي وڃن ھا، تہ پوءِ اڳتي ھنن کي گناھن جي يادگيري بہ ڪانہ رھي ھا.

3. پر اھي قربانيون سال⁠بسال گناھن جي ياد ڏيارين ٿيون.

4. ڇالاءِ⁠جو ائين ٿي نہ ٿو سگھي جو ڏاندن ۽ ٻڪرين جو رت گناھن کي مٽائي ڇڏي.

5. تنھنڪري ئي مسيح دنيا ۾ اچڻ مھل چيو تہ”تو قربانيءَ ۽ نذراني کي نہ چاھيو،پر تو منھنجي لاءِ ھڪڙو بدن تيار ڪيو.

6. ساڙڻ وارين قربانين۽ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانين کانتون خوش نہ ٿئين.

7. تڏھن مون چيو جيئن پاڪ ڪتاب ۾منھنجي باري ۾ لکيل آھي تہ’ڏس، آءٌ آيو آھيان،انھيءَ لاءِ تہ اي خدا!تنھنجي مرضي پوري ڪريان.‘“

8. پھريائين تہ مسيح چيو تہ ”قربانيون، نذرانا، ساڙڻ واريون قربانيون ۽ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيون تو نہ چاھيون، نڪي تون انھن مان خوش ٿئين، جيتوڻيڪ اھي شريعت موجب چاڙھيون وڃن ٿيون.“

مڪمل باب پڙهڻ عبرانين 10