نئين عهد نامي

عبرانين 1:3-14 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

3. اھو فرزند خدا جي جلال جو تجلو ۽ سندس ذات جو پورو پورو نقش ٿي ڪري پنھنجي قدرت واري ڪلام سان سڀني شين کي سنڀالي ٿو. ھو گنھگارن کي پاڪ ڪرڻ کان پوءِ عرش تي قادرِمطلق جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.

4. اھڙيءَ طرح ھو ملائڪن کان اوتري قدر اعليٰ ٿيو، جيتري قدر کيس اعليٰ نالو ورثي ۾ مليو.

5. ڇا خدا ڪڏھن ملائڪن مان ڪنھن کي ھيئن چيو تہ”تون منھنجو فرزند آھين،اڄ کان پوءِ آءٌ تنھنجو پيءُ آھيان؟“ نڪي ھي ملائڪن بابت چيو اٿائين تہ”آءٌ ھن جو پيءُ ٿيندس۽ ھو منھنجو فرزند ٿيندو؟“

6. وري جڏھن خدا پنھنجي پھريتي کي دنيا ۾ آڻي ٿو تڏھن چوي ٿو تہ”خدا جا سڀ ملائڪ ھن کي سجدو ڪن.“

7. ملائڪن بابت ھو چوي ٿو تہ”ھو پنھنجي ملائڪن کي ھوائون۽ پنھنجن خادمن کي باھہ جا شعلا ٿو بڻائي.“

8. پر پنھنجي فرزند بابت ھو چوي ٿو تہ”اي خدا! تنھنجو تختھميشہ تائين قائم رھندو،۽ تون انصاف سان حڪومت ڪرين ٿو.

9. تو سچائيءَ سان محبت،۽ بڇڙائيءَ سان دشمني رکي.تنھنڪري خدا، يعني تنھنجي خدا،خوشيءَ جي تيل سان مسح ڪريتو کي چونڊيو،۽ تنھنجي سنگتين کان تو کي مٿاھون ڪيو.“

10. ھن ھيئن بہ چيو تہ”اي خداوند! شروع ۾ تو زمين کي بڻايو۽ پنھنجي ھٿن سان آسمان کي پيدا ڪيو.

11. اھي سڀ ناس ٿي ويندا،پر تون ئي باقي رھندين.اھي سڀ پوشاڪ وانگر پراڻا ٿي ويندا.

12. تون انھن کي چادر وانگر ويڙھي ڇڏيندين۽ اھي پوشاڪ وانگر بدلجي ويندا.پر تون ھميشہ اھو ئي ساڳيو آھين،۽ تنھنجا سال ڪڏھن بہ کٽڻ جا ناھن.“

13. ڇا خدا ملائڪن مان ڪڏھن بہ ڪنھن کي چيو تہ”تون منھنجي ساڄي پاسي ويھہ،جيستائين آءٌ تنھنجي دشمنن کيتنھنجي پيرن جي صندلي نہ بڻايان؟“

14. ڇا اھي سڀ ملائڪ خدمت ڪندڙ روح نہ آھن، جيڪي ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ وارن جي لاءِ موڪليا وڃن ٿا؟

مڪمل باب پڙهڻ عبرانين 1