نئين عهد نامي

عبرانين 1:1-9 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. اڳئين زماني ۾ خدا اسان جي ابن ڏاڏن سان وقت بہ وقت ۽ مختلف طريقن سان نبين جي معرفت ڳالھايو.

2. پر ھاڻي ھن زماني جي آخر ۾ خدا اسان سان پنھنجي فرزند جي معرفت ڳالھايو، جنھن کي ھن سڀني شين جو وارث مقرر ڪيو ۽ سندس ئي وسيلي ڪائنات خلقيائين.

3. اھو فرزند خدا جي جلال جو تجلو ۽ سندس ذات جو پورو پورو نقش ٿي ڪري پنھنجي قدرت واري ڪلام سان سڀني شين کي سنڀالي ٿو. ھو گنھگارن کي پاڪ ڪرڻ کان پوءِ عرش تي قادرِمطلق جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.

4. اھڙيءَ طرح ھو ملائڪن کان اوتري قدر اعليٰ ٿيو، جيتري قدر کيس اعليٰ نالو ورثي ۾ مليو.

5. ڇا خدا ڪڏھن ملائڪن مان ڪنھن کي ھيئن چيو تہ”تون منھنجو فرزند آھين،اڄ کان پوءِ آءٌ تنھنجو پيءُ آھيان؟“ نڪي ھي ملائڪن بابت چيو اٿائين تہ”آءٌ ھن جو پيءُ ٿيندس۽ ھو منھنجو فرزند ٿيندو؟“

6. وري جڏھن خدا پنھنجي پھريتي کي دنيا ۾ آڻي ٿو تڏھن چوي ٿو تہ”خدا جا سڀ ملائڪ ھن کي سجدو ڪن.“

7. ملائڪن بابت ھو چوي ٿو تہ”ھو پنھنجي ملائڪن کي ھوائون۽ پنھنجن خادمن کي باھہ جا شعلا ٿو بڻائي.“

8. پر پنھنجي فرزند بابت ھو چوي ٿو تہ”اي خدا! تنھنجو تختھميشہ تائين قائم رھندو،۽ تون انصاف سان حڪومت ڪرين ٿو.

9. تو سچائيءَ سان محبت،۽ بڇڙائيءَ سان دشمني رکي.تنھنڪري خدا، يعني تنھنجي خدا،خوشيءَ جي تيل سان مسح ڪريتو کي چونڊيو،۽ تنھنجي سنگتين کان تو کي مٿاھون ڪيو.“

مڪمل باب پڙهڻ عبرانين 1