نئين عهد نامي

طيطس 2:7-15 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

7. سڀني ڳالھين ۾ تون پاڻ کي چڱن ڪمن جو نمونو ڪري ڏيکار. تنھنجي تعليم ڏيڻ مان ايمانداري ۽ سنجيدگي ظاھر ٿئي.

8. اھڙي صحيح تعليم ڏي جيڪا ملامت جوڳي نہ ھجي، انھيءَ لاءِ تہ مخالف ماڻھو اسان تي عيب لائڻ جو ڪوبہ سبب نہ ڏسي شرمندو ٿئي.

9. غلامن کي نصيحت ڪر تہ ھر ڳالھہ ۾ پنھنجن مالڪن جي تابع رھن، کين خوش رکڻ جي ڪوشش ڪن ۽ ساڻن گستاخي نہ ڪن.

10. نہ ئي اھي چوري چڪاري ڪن، بلڪ ھر طرح سان چڱا ۽ ديانتدار ٿي پيش اچن، انھيءَ لاءِ تہ اھي اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا جي تعليم کي ھر طرح سان سينگاريندا رھن.

11. ڇالاءِ⁠جو خدا جو اھو فضل ظاھر ٿيو آھي، جيڪو سڀني ماڻھن جي ڇوٽڪاري جو باعث آھي.

12. اھو اسان کي سيکاري ٿو تہ بدڪاريءَ ۽ دنياوي خواھشن کان انڪار ڪري ھن موجودہ دنيا ۾ پرھيزگاريءَ، سچائيءَ ۽ دينداريءَ سان زندگي گذاريون.

13. ان سان گڏ اسين انھيءَ برڪت ڀري اميد، يعني پنھنجي عظيم خدا ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي جلوي جي ظاھر ٿيڻ جو انتظار ڪريون.

14. ھن اسان جي خاطر پنھنجي جان ڏيئي ڇڏي، انھيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي ھر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنھنجي لاءِ ھڪ اھڙي خاص امت بڻائي، جيڪا نيڪ ڪمن ڪرڻ ۾ سرگرم ھجي.

15. سو اھي ڳالھيون آھن، جيڪي تو کي سيکارڻيون آھن. پوري اختياريءَ سان ماڻھن کي نصيحت ڪر ۽ ملامت ڪر. ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي پنھنجي حقارت ڪرڻ نہ ڏي.

مڪمل باب پڙهڻ طيطس 2