نئين عهد نامي

طيطس 2:1-9 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. پر تون اھي ڳالھيون بيان ڪندو رھہ، جيڪي صحيح تعليم جي موافق آھن.

2. پوڙھن مردن کي سمجھاءِ تہ اھي پرھيزگار، مانائتا ۽ پاڻ تي ضابطو رکندڙ ٿين ۽ ايمان، محبت ۽ صبر تي قائم رھن.

3. ساڳيءَ طرح پوڙھين عورتن کي سمجھاءِ تہ اھي ھلت چلت ۾ پاڪيزہ ھجن. اھي گلا ڪندڙ يا مئي جون عادي نہ ھجن، بلڪ چڱيون ڳالھيون سيکارڻ واريون ھجن.

4. انھيءَ ڪري جو اھي جوان عورتن کي تربيت ڏين تہ پنھنجن مڙسن ۽ ٻارن سان پيار ڪن،

5. سمجھُو ۽ پاڪدامن ھجن، گھر ۾ ڪم ڪار ڪندڙ، مھربان ۽ پنھنجن مڙسن جون تابعدار ھجن تہ جيئن خدا جو ڪلام بدنام نہ ٿئي.

6. ساڳي ئي طرح جوان مردن کي نصيحت ڪر تہ اھي پاڻ تي ضابطو رکندڙ ٿين.

7. سڀني ڳالھين ۾ تون پاڻ کي چڱن ڪمن جو نمونو ڪري ڏيکار. تنھنجي تعليم ڏيڻ مان ايمانداري ۽ سنجيدگي ظاھر ٿئي.

8. اھڙي صحيح تعليم ڏي جيڪا ملامت جوڳي نہ ھجي، انھيءَ لاءِ تہ مخالف ماڻھو اسان تي عيب لائڻ جو ڪوبہ سبب نہ ڏسي شرمندو ٿئي.

9. غلامن کي نصيحت ڪر تہ ھر ڳالھہ ۾ پنھنجن مالڪن جي تابع رھن، کين خوش رکڻ جي ڪوشش ڪن ۽ ساڻن گستاخي نہ ڪن.

مڪمل باب پڙهڻ طيطس 2