نئين عهد نامي

طيطس 1:5-13 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

5. مون تو کي ڪريتي ۾ انھيءَ لاءِ ڇڏيو ھو تہ تون باقي رھيل ڳالھين کي درست ڪري ڇڏين ۽ جيئن مون تو کي ھدايت ڪئي ھئي، تيئن ھر ھڪ شھر ۾ بزرگ مقرر ڪرين.

6. ھر بزرگ بي⁠عيب ھجي ۽ ھڪڙيءَ زال جو مڙس ھجي. سندس ٻار ايمان وارا ھجن ۽ بدچاليءَ ۽ نافرمانيءَ جي تھمت کان پاڪ ھجن.

7. ڇالاءِ⁠جو نگھبان، جيڪو خدا جو خدمتگار آھي، سو بي⁠عيب ھئڻ گھرجي. ھو نہ ھٺيلو ھجي، نہ چيڙاڪ، نہ شرابي ھجي، نہ مار ڪٽ ڪندڙ ۽ نہ وري ناجائز نفعي جو لالچي ھجي.

8. اٽلندو ھو مھمان⁠نواز، نيڪيءَ سان پيار رکندڙ، سمجھُو، انصاف پسند، پاڪ ۽ پاڻ تي ضابطو رکندڙ ھجي.

9. ھن کي گھرجي تہ انھيءَ ڀروسي جھڙي ڪلام تي قائم رھي، جيڪو کيس سيکاريو ويو آھي. اھڙيءَ طرح ھو صحيح تعليم سان ٻين کي نصيحت ڪري سگھي ٿو ۽ مخالفن کي قائل بہ ڪري سگھي ٿو.

10. ڇالاءِ⁠جو گھڻا ئي ماڻھو نافرمان، اجائي بڪ ڪندڙ ۽ دغاباز آھن، خاص ڪري انھن مان جيڪي طھر ڪرائڻ لاءِ زور ٿا ڀرين.

11. انھن جو وات بند ڪرڻ گھرجي، ڇالاءِ⁠جو اھڙا ماڻھو ناجائز نفعي جي خاطر نامناسب ڳالھيون سيکاري گھرن جا گھر ڦٽائي ٿا ڇڏين.

12. ڪريتين جي ئي نبين مان ھڪڙي چيو آھي تہ ”ڪريتي جا ماڻھو ھميشہ ڪوڙا، بڇڙا جانور ۽ سست پيٽوڙي آھن.“

13. اھا شاھدي سچي آھي، تنھنڪري انھن کي سختيءَ سان ملامت ڪر، تہ جيئن سندن ايمان درست ٿئي،

مڪمل باب پڙهڻ طيطس 1