نئين عهد نامي

رومين 9:8-25 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

8. ان جي معنيٰ تہ جسماني ٻار خدا جا ٻار نہ آھن، پر جيڪي ابراھيم سان خدا جي ڪيل واعدي موجب ٻار پيدا ٿيا سي ئي ابراھيم جو اولاد ليکجن ٿا.

9. ڇالاءِ⁠جو خدا ھنن لفظن ۾ واعدو ڪيو ھو تہ ”آءٌ مقرر وقت تي موٽي ايندس ۽ سارہ کي پٽ ڄمندو.“

10. نہ رڳو ايترو پر اسان جي وڏي اسحاق مان ربقہ کي ٻہ ٻار ٿيا.

13. جيئن لکيل آھي تہ ”مون يعقوب سان محبت رکي پر عيسوءَ سان نہ.“

14. پوءِ اسين ائين چئون ڇا تہ خدا بي⁠انصاف آھي؟ نہ، بلڪل نہ،

15. ڇالاءِ⁠جو خدا موسيٰ کي چيو تہ ”جنھن تي آءٌ رحم ڪرڻ گھران تنھن تي رحم ڪندس ۽ جنھن تي ٻاجھہ ڪرڻ گھران تنھن تي ٻاجھہ ڪندس.“

16. تنھنڪري اُھو نہ انسان جي خواھش ڪرڻ تي ۽ نہ ڪوشش ڪرڻ تي مدار رکي ٿو، پر اھو سڀ خدا جي رحم ڪرم تي ڇڏيل آھي.

17. ڇالاءِ⁠جو پاڪ لکت ۾ خدا فرعون کي فرمائي ٿو تہ ”مون تو کي بادشاھہ انھيءَ لاءِ بڻايو آھي تہ آءٌ تنھنجي ڪري قدرت ظاھر ڪريان ۽ دنيا ۾ منھنجو نالو روشن ٿئي.“

18. سو خدا جنھن تي رحم ڪرڻ گھري ٿو، تنھن تي رحم ڪري ٿو ۽ جنھن کي سخت⁠دل ڪرڻ گھري ٿو تنھن کي سخت⁠دل ڪري ٿو.

19. اوھين مون کي چوندا تہ پوءِ خدا ڇو ٿو ماڻھن کي ڏوھدار بڻائي؟ ڪنھن کي مجال آھي جو خدا جي مرضيءَ جي مخالفت ڪري سگھي؟

20. پر اي انسان! تون ڪير ٿيندو آھين جو خدا سان سوال جواب ڪرين؟ ڇا خلقيل شيءِ خلقيندڙ کي چوندي تہ ”تو مون کي اھڙو ڇو خلقيو آھي؟“

21. ڇا ڪنڀر کي اھو اختيار نہ آھي جو ھو ساڳي مٽيءَ جي پنوڙي مان ھڪڙو قيمتي ٿانءُ بڻائي ۽ ٻيو خسيس؟

22. انھيءَ ۾ عجب جي ڪھڙي ڳالھہ آھي جو خدا پنھنجو غضب ۽ قدرت ظاھر ڪرڻ لاءِ انھن ٿانون سان صبر ۽ بردباريءَ سان پيش آيو، جيڪي ٿانوَ ڀڃي ناس ٿيڻ جي لائق ھئا.

23. خدا اھو ڪم ھن لاءِ ڪيو تہ جيڪي رحم جا ٿانوَ سندس جلوي جي لاءِ اڳي ئي تيار ڪيا ويا آھن، تن تي ھو پنھنجي جلوي جي نعمت نازل ڪري،

24. يعني اسان تي جن کي ھن نہ رڳو يھودين مان پر غير قومن مان بہ چونڊيو آھي.

25. جيئن خدا ھوسيع نبيءَ جي صحيفي ۾ فرمائي ٿو تہ”جيڪا منھنجي قوم نہ ھئي،تنھن کي پنھنجي قوم سڏيندس۽ جيڪا مون کي پياري نہ ھئي،تنھن کي پياري چوندس.“

مڪمل باب پڙهڻ رومين 9