نئين عهد نامي

رومين 9:20-32 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

20. پر اي انسان! تون ڪير ٿيندو آھين جو خدا سان سوال جواب ڪرين؟ ڇا خلقيل شيءِ خلقيندڙ کي چوندي تہ ”تو مون کي اھڙو ڇو خلقيو آھي؟“

21. ڇا ڪنڀر کي اھو اختيار نہ آھي جو ھو ساڳي مٽيءَ جي پنوڙي مان ھڪڙو قيمتي ٿانءُ بڻائي ۽ ٻيو خسيس؟

22. انھيءَ ۾ عجب جي ڪھڙي ڳالھہ آھي جو خدا پنھنجو غضب ۽ قدرت ظاھر ڪرڻ لاءِ انھن ٿانون سان صبر ۽ بردباريءَ سان پيش آيو، جيڪي ٿانوَ ڀڃي ناس ٿيڻ جي لائق ھئا.

23. خدا اھو ڪم ھن لاءِ ڪيو تہ جيڪي رحم جا ٿانوَ سندس جلوي جي لاءِ اڳي ئي تيار ڪيا ويا آھن، تن تي ھو پنھنجي جلوي جي نعمت نازل ڪري،

24. يعني اسان تي جن کي ھن نہ رڳو يھودين مان پر غير قومن مان بہ چونڊيو آھي.

25. جيئن خدا ھوسيع نبيءَ جي صحيفي ۾ فرمائي ٿو تہ”جيڪا منھنجي قوم نہ ھئي،تنھن کي پنھنجي قوم سڏيندس۽ جيڪا مون کي پياري نہ ھئي،تنھن کي پياري چوندس.“

26. ”جنھن جاءِ تي انھن کي ائين چيو ويو تہ’اوھين منھنجي قوم نہ آھيو،‘انھيءَ ساڳي جاءِ تي ئياھي زندہ خدا جا فرزند سڏبا.“

27. يسعياہ بني اسرائيل لاءِ کليو کلايو چوي ٿو تہ”جيتوڻيڪ بني اسرائيل جو تعدادسمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جي ذرڙن جيترو ھوندو،تہ بہ انھن مان ڪي ٿورا ئي وڃي بچندا.

28. ڇالاءِ⁠جو خداوند دنيا تيجلد ئي پنھنجو آخري فيصلو پورو ڪندو.“

29. جيئن يسعياہ نبي اڳي ئي چئي ويو آھي تہ”جيڪڏھن قدرت وارو خداونداسان جو ڪوبہ اولاد باقي نہ ڇڏي ھا،تہ اسان جو حال بہسدوم ۽ عموراہ شھرن جھڙو ٿئي ھا.“

30. تڏھن اسين ڇا چئون؟ يعني ھي تہ غير قومون جن خدا ڏانھن سچار بڻجڻ جي ڪوشش نہ ڪئي، تن کي اھا سچائي ملي ۽ اھا کين ايمان جي وسيلي ملي.

31. پر بني اسرائيل جيڪي اھڙيءَ شريعت جي ڳولا ۾ ھئا جنھن جي وسيلي ھو خدا ڏانھن سچار بڻجن، سي انھيءَ شريعت تائين بہ نہ پھتا.

32. ڇو؟ ڇالاءِ⁠جو ھنن شريعت کي ايمان جي وسيلي نہ ڳوليو پر عملن جي وسيلي ڳوليائون. انھن ٿاٻڙائڻ واري پٿر تان ٿاٻو کاڌو.

مڪمل باب پڙهڻ رومين 9