نئين عهد نامي

رومين 9:1-20 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. جيڪو آءٌ چوان ٿو سو سچ آھي. آءٌ مسيح جو آھيان ۽ ڪوڙ نہ ٿو ڳالھايان. منھنجي دل، جيڪا پاڪ روح جي وس ۾ آھي سا بہ مون سان گڏ شاھدي ٿي ڏئي تہ

4. اھي بني اسرائيل ئي آھن، جن کي خدا پنھنجا ٻار ڪري چونڊيو آھي. ھن کين پنھنجو جلوو ڏيکاريو ۽ کين پنھنجا عھد، شريعت، عبادت ۽ واعدا ڏنا اٿائين.

5. قوم جا ابا ڏاڏا بہ انھن مان ئي آھن ۽ رت جي رشتي ڪري مسيح بہ انھن جو ئي آھي. خدا، جيڪو سڀني جي مٿان حاڪم آھي، شل ھميشہ انھيءَ جي واکاڻ ٿئي. آمين.

6. آءٌ ائين نہ ٿو چوان تہ خدا جو واعدو اجايو آھي، ڇالاءِ⁠جو جيڪي اسرائيل جو اولاد آھن، سي سڀ بني اسرائيل نہ آھن

7. ۽ نڪي ابراھيم جي نسل مان ھئڻ ڪري اھي سڀ سندس ٻار ليکيا ويا آھن. پر لکيل آھي تہ ”اسحاق مان ئي تنھنجو نسل سڏيو ويندو.“

8. ان جي معنيٰ تہ جسماني ٻار خدا جا ٻار نہ آھن، پر جيڪي ابراھيم سان خدا جي ڪيل واعدي موجب ٻار پيدا ٿيا سي ئي ابراھيم جو اولاد ليکجن ٿا.

9. ڇالاءِ⁠جو خدا ھنن لفظن ۾ واعدو ڪيو ھو تہ ”آءٌ مقرر وقت تي موٽي ايندس ۽ سارہ کي پٽ ڄمندو.“

10. نہ رڳو ايترو پر اسان جي وڏي اسحاق مان ربقہ کي ٻہ ٻار ٿيا.

13. جيئن لکيل آھي تہ ”مون يعقوب سان محبت رکي پر عيسوءَ سان نہ.“

14. پوءِ اسين ائين چئون ڇا تہ خدا بي⁠انصاف آھي؟ نہ، بلڪل نہ،

15. ڇالاءِ⁠جو خدا موسيٰ کي چيو تہ ”جنھن تي آءٌ رحم ڪرڻ گھران تنھن تي رحم ڪندس ۽ جنھن تي ٻاجھہ ڪرڻ گھران تنھن تي ٻاجھہ ڪندس.“

16. تنھنڪري اُھو نہ انسان جي خواھش ڪرڻ تي ۽ نہ ڪوشش ڪرڻ تي مدار رکي ٿو، پر اھو سڀ خدا جي رحم ڪرم تي ڇڏيل آھي.

17. ڇالاءِ⁠جو پاڪ لکت ۾ خدا فرعون کي فرمائي ٿو تہ ”مون تو کي بادشاھہ انھيءَ لاءِ بڻايو آھي تہ آءٌ تنھنجي ڪري قدرت ظاھر ڪريان ۽ دنيا ۾ منھنجو نالو روشن ٿئي.“

18. سو خدا جنھن تي رحم ڪرڻ گھري ٿو، تنھن تي رحم ڪري ٿو ۽ جنھن کي سخت⁠دل ڪرڻ گھري ٿو تنھن کي سخت⁠دل ڪري ٿو.

19. اوھين مون کي چوندا تہ پوءِ خدا ڇو ٿو ماڻھن کي ڏوھدار بڻائي؟ ڪنھن کي مجال آھي جو خدا جي مرضيءَ جي مخالفت ڪري سگھي؟

20. پر اي انسان! تون ڪير ٿيندو آھين جو خدا سان سوال جواب ڪرين؟ ڇا خلقيل شيءِ خلقيندڙ کي چوندي تہ ”تو مون کي اھڙو ڇو خلقيو آھي؟“

مڪمل باب پڙهڻ رومين 9