نئين عهد نامي

رومين 8:12-21 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

12. تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين ذميوار تہ آھيون، پر انساني فطرت جا نہ، جو ان موجب زندگي گذاريون.

13. ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن اوھين انساني فطرت موجب زندگي گذاريندا تہ ضرور مرندا. پر جيڪڏھن پاڪ روح جي وسيلي جسم جي نفساني خواھشن کي فنا ڪندا تہ جيئرا رھندا.

14. ڇالاءِ⁠جو جيڪي خدا جي روح جي ھدايتن موجب ھلن ٿا سي خدا جا ٻار آھن.

15. اوھان کي غلاميءَ جو روح نہ مليو آھي جو اوھان کي وري ڊپ ٿئي، پر اوھان کي اھو روح مليو جنھن جي وسيلي اوھين خدا جا ٻار ٿيا آھيو ۽ جنھن سان اسين خدا کي ”بابا“ ڪري ٿا سڏ ڪريون.

16. اھو روح پاڻ اسان جي روح سان گڏ شاھدي ٿو ڏئي تہ اسين خدا جا ٻار آھيون.

17. جيڪڏھن اسين ھن جا ٻار آھيون تہ وارث بہ آھيون، يعني خدا جا وارث ۽ مسيح سان ورثي ۾ شريڪ آھيون، بشرطيڪ ھن سان ڏکن ۾ شريڪ ٿيون تہ پوءِ ساڻس گڏ جلوي ۾ بہ شريڪ ٿينداسون.

18. آءٌ سمجھان ٿو تہ جيڪي ڏک سور اسان ھن وقت ڏسون ٿا، تن جي ڀيٽ انھيءَ جلوي سان ڪري ئي نہ ٿي سگھجي جيڪو اسان تي نازل ٿيڻ وارو آھي.

19. سڄي مخلوقات ڏاڍي شوق سان خدا جي ٻارن جي ظاھر ٿيڻ جي انتظار ۾ آھي.

20. ڇالاءِ⁠جو مخلوقات مايوسيءَ جي تابع ڪئي ويئي، پنھنجي مرضيءَ سان نہ، پر خدا جي مرضيءَ سان. تنھن ھوندي بہ کيس اھا اميد ڏني ويئي

21. تہ مخلوقات فنا جي غلاميءَ کان ڇٽي پوندي ۽ خدا جي ٻارن جي شاندار آزاديءَ ۾ داخل ٿيندي.

مڪمل باب پڙهڻ رومين 8