نئين عهد نامي

رومين 8:1-16 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. تنھنڪري جيڪي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي ويا آھن، تن لاءِ ھاڻي سزا جو حڪم نہ آھي.

2. ڇالاءِ⁠جو پاڪ روح جو اصول جيڪو اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري زندگي ڏئي ٿو، تنھن اسان کي گناھہ ۽ موت جي اصول کان ڇڏايو آھي.

3. جيڪو ڪم انساني فطرت جي ڪمزوريءَ سبب شريعت نہ ڪري سگھي سو خدا ڪيو، يعني ھن پنھنجي فرزند کي گنھگار انساني صورت ۾ موڪليو تہ جيئن ھو اسان جي گناھن لاءِ قربان ٿئي ۽ گناھہ کي سزاوار بڻائي.

4. اھو خدا انھيءَ لاءِ ڪيو تہ اسين جيڪي انساني فطرت موجب نہ پر پاڪ روح موجب ھلون ٿا، تن ۾ شريعت جي سچائي پوري ٿي وڃي.

5. جيڪي انساني فطرت موجب ھلن ٿا سي انساني فطرت جا تابعدار آھن. پر جيڪي پاڪ روح موجب ھلن ٿا سي پاڪ روح جا تابعدار آھن.

6. جيڪڏھن ڪنھن جي نيت انساني فطرت جي اثر ھيٺ آھي تہ نتيجو موت آھي. پر جي ڪنھن جي نيت پاڪ روح جي اثر ھيٺ آھي تہ نتيجو زندگي ۽ سلامتي آھي.

7. انساني نيت خدا جو دشمن بڻائي ٿي، ڇالاءِ⁠جو اھا نيت نہ شريعت جي تابع آھي ۽ نڪي تابع ٿي سگھي ٿي.

8. جيڪي انساني فطرت موجب ھلن ٿا سي خدا کي راضي ڪري نہ سگھندا.

9. اوھين انساني فطرت موجب نہ پر پاڪ روح موجب ھلو ٿا، بشرطيڪ اوھان ۾ خدا جو روح رھي. جنھن ماڻھوءَ ۾ مسيح جو روح نہ آھي سو مسيح جو نہ آھي.

10. جيتوڻيڪ اوھان جو جسم گناھہ جي ڪري مئل آھي، پر جيڪڏھن مسيح اوھان ۾ آھي تہ پوءِ اوھان جو روح زندہ آھي، ڇالاءِ⁠جو خدا اوھان کي پاڻ ڏانھن سچار بڻايو آھي.

11. جيڪڏھن اوھان ۾ خدا جو روح موجود آھي، جنھن عيسيٰ کي مئلن مان جيئرو ڪيو، تہ پوءِ جنھن مسيح کي مئلن مان جياريو سو اوھان جي فاني جسمن کي بہ پنھنجي انھيءَ روح جي وسيلي جيئرو ڪندو جيڪو اوھان ۾ رھي ٿو.

12. تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين ذميوار تہ آھيون، پر انساني فطرت جا نہ، جو ان موجب زندگي گذاريون.

13. ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن اوھين انساني فطرت موجب زندگي گذاريندا تہ ضرور مرندا. پر جيڪڏھن پاڪ روح جي وسيلي جسم جي نفساني خواھشن کي فنا ڪندا تہ جيئرا رھندا.

14. ڇالاءِ⁠جو جيڪي خدا جي روح جي ھدايتن موجب ھلن ٿا سي خدا جا ٻار آھن.

15. اوھان کي غلاميءَ جو روح نہ مليو آھي جو اوھان کي وري ڊپ ٿئي، پر اوھان کي اھو روح مليو جنھن جي وسيلي اوھين خدا جا ٻار ٿيا آھيو ۽ جنھن سان اسين خدا کي ”بابا“ ڪري ٿا سڏ ڪريون.

16. اھو روح پاڻ اسان جي روح سان گڏ شاھدي ٿو ڏئي تہ اسين خدا جا ٻار آھيون.

مڪمل باب پڙهڻ رومين 8