نئين عهد نامي

رومين 7:17-25 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

17. سو انھيءَ حالت ۾ ڪم ڪرڻ وارو آءٌ نہ آھيان، پر اھو گناھہ آھي جيڪو مون ۾ گھر ڪري ويٺو آھي، سو ئي اھي ڪم ڪري ٿو.

18. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ مون ۾ يعني منھنجي انساني فطرت ۾ ڪابہ نيڪي ڪانہ ٿي رھي. ڇالاءِ⁠جو منھنجي دل ۾ نيڪي ڪرڻ جي خواھش آھي، پر آءٌ ڪري نہ ٿو سگھان.

19. اھو ئي سبب آھي جو آءٌ نيڪي ڪرڻ گھران ٿو، پر نہ ٿو ڪريان ۽ بڇڙا ڪم ڪرڻ نہ ٿو گھران، پر اُھي ڪريان ٿو.

20. سو جيڪڏھن آءٌ اھڙا ڪم ٿو ڪريان جن جي ڪرڻ لاءِ دل نہ ٿي گھري، تہ پوءِ انھن جي ڪرڻ وارو آءٌ نہ آھيان، پر اھو گناھہ ئي آھي جيڪو مون ۾ گھر ڪري ويٺو آھي.

21. تنھنڪري مون کي ھڪ اصول نظر ٿو اچي تہ جڏھن آءٌ چڱا ڪم ڪرڻ گھران ٿو تہ انھن جي بجاءِ بڇڙا ڪم ٿيو پون.

22. منھنجي دل تہ خدا جي شريعت مان خوش آھي،

23. پر مون کي پنھنجي جسم ۾ ھڪ ٻيو اصول بہ نظر اچي ٿو، جيڪو منھنجي عقل جي اصول سان جنگ ڪري ٿو. اھو گناھہ جو اصول آھي، جيڪو منھنجي جسم ۾ موجود آھي ۽ اھو مون کي غلام بڻائي ٿو.

24. آءٌ ڪيڏو نہ ڪمبخت ماڻھو آھيان. مون کي انھيءَ جسم کان ڪير ڇڏائيندو جنھن جي وسيلي موت ايندو؟

25. آءٌ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪريان، جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي مون کي ڇڏائيندو.مطلب تہ آءٌ پنھنجي عقل سان خدا جي شريعت جو تابعدار آھيان، پر آءٌ پنھنجي انساني فطرت جي ڪري گناھہ جي حڪم جو تابعدار آھيان.

مڪمل باب پڙهڻ رومين 7