نئين عهد نامي

رومين 5:12-21 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

12. ھڪڙي ماڻھوءَ جي ڪري دنيا ۾ گناھہ آيو، گناھہ جي سبب موت آيو ۽ موت سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويو، ڇالاءِ⁠جو سڀني ماڻھن گناھہ ڪيو.

13. شريعت جي ملڻ کان اڳ ۾ بہ دنيا ۾ گناھہ ھو، پر جتي شريعت ئي ڪانھي اُتي گناھن جو حساب بہ نہ ٿو رکيو وڃي.

14. آدم کان وٺي موسيٰ تائين سڀني ماڻھن تي موت جي حڪمراني ھئي، جيتوڻيڪ انھن مان ڪن اھڙو گناھہ نہ ڪيو جھڙو آدم خدا جي حڪم جي نافرماني ڪندي ڪيو.ڪن ڳالھين ۾ آدم مسيح وانگر ھو، جيڪو پوءِ اچڻ وارو ھو.

15. پر ٻئي ھڪ جھڙا نہ آھن، ڇاڪاڻ⁠تہ خدا جي بخشش کي آدم جي ڏوھہ سان ڀيٽي نہ ٿو سگھجي. اھو سچ آھي تہ انھيءَ ھڪڙي شخص جي گناھہ جي ڪري گھڻا ئي ماڻھو مري ويا ۽ وري ھڪڙي ئي شخص يعني يسوع مسيح جي فضل جي وسيلي گھڻن ئي ماڻھن کي خدا جو فضل ۽ بخشش جھجھي انداز ۾ ملي.

16. خدا جي بخشش ۽ ھڪڙي ماڻھوءَ جي ڏوھہ ۾ فرق آھي، ڇالاءِ⁠جو ھڪڙي ئي شخص جي ڏوھہ کان پوءِ سزا جو حڪم جاري ٿيو، پر گھڻا ئي ماڻھو گناھن ڪرڻ کان پوءِ بہ خدا جي انھيءَ فضل جي بخشش ڪري ڇٽي ويا.

17. اھو سچ آھي تہ ھڪڙي ماڻھوءَ جي ڏوھہ جي ڪري ۽ انھيءَ ماڻھوءَ جي ئي وسيلي موت حڪمراني ڪئي. پر ھڪڙي ئي ماڻھوءَ يعني عيسيٰ مسيح جي ڪم جو ڪيڏو نہ وڏو ڦل آھي جو اھي سڀ ھن جي وسيلي زندگيءَ ۾ حڪمراني ڪندا، جن کي خدا جي انھيءَ فضل جي گھڻائيءَ ۽ سچائيءَ جي بخشش ملي آھي.

18. جھڙيءَ طرح ھڪڙي ماڻھوءَ جي ڏوھہ جي ڪري سڀني ماڻھن لاءِ سزا جو حڪم مليو، تھڙيءَ طرح ھڪڙي ماڻھوءَ جي سچائيءَ واري ڪم جي ڪري سڀ ماڻھو ڇٽي ويندا ۽ کين زندگي ملندي.

19. جيئن ھڪڙي ماڻھوءَ جي نافرمانيءَ جي ڪري گھڻا ماڻھو گنھگار ٿيا، تيئن ھڪڙي ئي ماڻھوءَ جي فرمانبرداريءَ جي ڪري گھڻا ئي ماڻھو خدا ڏانھن سچار بڻايا ويندا.

20. شريعت جي ملڻ کان پوءِ ڏوھہ وڌيا. گناھہ کڻي ڪيترا بہ وڌيا پر خدا جو فضل انھن کان بہ وڌي ويو،

21. ۽ جيئن گناھن جي حڪمراني موت جي وسيلي آھي تيئن خدا جي فضل جي حڪمراني سچائيءَ جي وسيلي آھي، جيڪا اسان کي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي دائمي زندگي بخشي ٿي.

مڪمل باب پڙهڻ رومين 5