نئين عهد نامي

رومين 5:1-5 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. جيئن تہ اسين ايمان جي ڪري سچار بڻايا ويا آھيون، تنھنڪري اسان جو پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا سان ميلاپ ٿي ويو آھي.

2. مسيح اسان کي ايمان جي وسيلي خدا جي فضل تائين پھچايو آھي، جنھن تي اسين ثابت قدم آھيون. سو اچو تہ اسين انھيءَ اميد تي خوشي ڪريون تہ خدا جو جلوو ماڻينداسين.

3. نہ رڳو ايترو پر پنھنجن مصيبتن ۾ بہ خوشي ڪريون، ڇالاءِ⁠جو اسان کي خبر آھي تہ مصيبت مان صبر پيدا ٿئي ٿو.

4. صبر مان خدا جي رضامندي پيدا ٿئي ٿي ۽ سندس رضامنديءَ مان اميد پيدا ٿئي ٿي.

5. اسان کي انھيءَ اميد مان مايوسي نہ ٿي ٿئي، ڇاڪاڻ⁠تہ پاڪ روح، جيڪو اسان کي ڏنو ويو آھي، تنھن جي وسيلي خدا جو پيار اسان جي دلين ۾ اوتيو ويو آھي.

مڪمل باب پڙهڻ رومين 5