نئين عهد نامي

رومين 4:17-25 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

17. جيئن لکيل آھي تہ ”اي ابراھيم! مون تو کي گھڻين قومن جو پيءُ بڻايو آھي.“ اھو واعدو سچو آھي، ڇالاءِ⁠جو ابراھيم جو ايمان انھيءَ خدا تي ھو، جيڪو مئلن کي جيئرو ڪري ٿو ۽ جنھن جو حڪم انھن شين کي وجود ڏئي ٿو جيڪي اڳ ۾ موجود نہ آھن.

18. جيتوڻيڪ اميد پوري ٿيڻ جھڙي نہ ھئي، تنھن ھوندي بہ ابراھيم اميد رکي خدا تي ايمان آندو ۽ ھو ”گھڻين قومن جو پيءُ“ بڻيو. جيئن لکيل آھي تہ ”تنھنجو گھڻو ئي نسل ٿيندو.“

19. ھن جي ايمان ۾ فرق نہ آيو، جيتوڻيڪ ھو اٽڪل ⁠سؤ ورھين جو ھو ۽ ڄاتائين ٿي تہ سندس مرداڻي طاقت اڳ ۾ ئي ختم ٿي چڪي آھي ۽ سارہ ۾ بہ ڄڻڻ جي اميد ڪانہ ھئي.

20. پر ھن جي ايمان کي لوڏو بہ نہ آيو. ھن خدا جي واعدي تي ذرو بہ شڪ نہ ڪيو، بلڪ ھو ايمان ۾ وڌيڪ پڪو ٿي خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳو.

21. ھن کي پورو يقين ھو تہ خدا جيڪو واعدو ڪيو آھي سو پورو ٿيندو.

22. اھو ئي سبب ھو جو خدا ابراھيم کي سندس ايمان جي وسيلي سچار ليکيو.

23. اھي لفظ تہ ”ھو سچار ليکيو ويو،“ رڳو ابراھيم لاءِ لکيل نہ آھن،

24. پر اسان لاءِ بہ لکيل آھن، جن کي خدا سچار ڪري قبول ڪندو، ڇالاءِ⁠جو اسين بہ انھيءَ خدا تي ايمان آڻيون ٿا جنھن اسان جي خداوند عيسيٰ کي مئلن مان جيئرو ڪيو.

25. اسان جي گناھن جي لاءِ ھن کي موت جي حوالي ڪيو ويو ۽ وري کيس جيئرو ڪيو ويو، تہ جيئن ھو اسان کي خدا ڏانھن سچار بڻائي.

مڪمل باب پڙهڻ رومين 4