نئين عهد نامي

رومين 3:8-18 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

8. پوءِ اوھين بہ ڇو نہ چئو تہ ”اسين بڇڙا ڪم ڪريون تہ انھيءَ مان ڀلائي ٿئي“؟ ڪي ماڻھو اسان تي ھيءَ تھمت ٿا ھڻن تہ اھا ئي اسان جي تعليم آھي. اھڙن ماڻھن جو ڏوھي ٿيڻ ئي انصاف آھي.

9. پوءِ ڀلا، اسين يھودي ڪنھن بہ نموني ٻين قومن کان بھتر آھيون ڇا؟ نہ، بلڪل نہ. مون اوھان کي اڳي ئي ٻڌايو آھي تہ يھودي ۽ غير قوم وارا سڀ برابر آھن ۽ سڀيئي ھڪ جھڙا گناھن ۾ ڦاٿل آھن.

10. جيئن لکيل آھي تہ”ڪوبہ سچار نہ آھي، ھڪڙو بہ نہ.

11. ڪوبہ سمجھو نہ آھي،ڪوبہ خدا جو طالبو نہ آھي.

12. سڀني ماڻھن خدا کان منھن موڙيو آھي،سڀيئي گمراھہ ٿي ويا آھن.ڪوبہ نيڪي ڪندڙ ڪونھي، نہ، ھڪڙو بہ نہ.

13. انھن جا وات کليل قبرن مثل آھن،يعني انھن جي زبانن مان ٺڳي نڪري ٿي.سندن چپن مان نڪتل لفظنانگ جي زھر وانگر آھن.

14. انھن جا وات،ڦٽ لعنت ۽ نفرت سان ڀريل آھن.

15. انھن جا قدم،خونريزي ڪرڻ لاءِ تڪڙا ٿا ھلن.

16. اُھي جتي بہ وڃن ٿا تہتباھي ۽ مصيبت ٿا پکيڙين.

17. انھن کي امن جي رستي جي سُڌِ نہ آھي،

18. نہ وري کين ڪو خدا جو خوف ئي آھي.“

مڪمل باب پڙهڻ رومين 3