نئين عهد نامي

رومين 3:18-21 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

18. نہ وري کين ڪو خدا جو خوف ئي آھي.“

19. ھاڻي اسين ڄاڻون ٿا تہ شريعت رڳو انھن تي واجب آھي، جيڪي شريعت تحت رھن ٿا. آخرڪار نتيجو اھو نڪتو تہ ڪوبہ ماڻھو ائين چئي نہ ٿو سگھي تہ کيس گناھہ جي خبر ڪانہ ھئي، بلڪ سڄي دنيا خدا ڏانھن جوابدار آھي.

20. مطلب تہ شريعت جي حڪمن تي عمل ڪرڻ سان ڪوبہ ماڻھو خدا ڏانھن سچار ٿي نہ ٿو سگھي. شريعت جي وسيلي تہ رڳو کيس گناھن جي خبر پوي ٿي.

21. ھاڻي اھو ظاھر ٿي چڪو آھي تہ خدا ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڪيئن سچار ڪري ٿو. شريعت جو ان سان ڪوبہ واسطو نہ آھي. انھيءَ ڳالھہ جي شاھدي شريعت ۽ نبي ڏين ٿا.

مڪمل باب پڙهڻ رومين 3