نئين عهد نامي

رومين 3:1-5 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. تہ پوءِ يھودي ٿي طھر ڪرائڻ مان ڪھڙو فائدو آھي؟

2. گھڻو ئي فائدو آھي. پھريون فائدو تہ خدا کين پنھنجو ڪلام سونپيو.

3. پوءِ جيڪڏھن انھن مان ڪن وفاداري نہ ڪئي تہ ڇا انھن جي بيوفائي خدا جي وفا کي بيڪار بڻائيندي؟

4. ائين بلڪل نہ آھي، خدا سچو آھي توڙي جو ھر ھڪ انسان ڪوڙو ھجي، جيئن لکيل آھي تہ”اي خدا! تون ھميشہ پنھنجن ڳالھين ۾سچو ثابت ٿيو آھين،۽ ھر آزمائش ۾ ڪامياب ٿيو آھين.“

5. پر آءٌ ماڻھن جي ئي بحث مطابق پڇي سگھان ٿو تہ جيڪڏھن اسان جي بڇڙائيءَ جي ڪري خدا جو انصاف ظاھر ٿئي ٿو تہ پوءِ ڇا اسين ائين چئون تہ خدا بي⁠انصاف آھي، جو ھو غضب ٿو نازل ڪري؟

مڪمل باب پڙهڻ رومين 3