نئين عهد نامي

رومين 2:13-24 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

13. ڇالاءِ⁠جو شريعت جي ٻڌڻ وارا خدا ڏانھن سچار نہ ٿا بڻجن، پر خدا ڏانھن اھي سچار بڻجن ٿا. جيڪي شريعت تي عمل ڪن ٿا.

14. غير قومون جن وٽ شريعت ڪانھي سي جيڪڏھن پنھنجي فطرت موجب شريعت جھڙا ڪم ڪن ٿيون تہ اھي پنھنجي لاءِ پاڻ شريعت آھن، توڙي جو انھن وٽ شريعت نہ آھي.

15. ڇالاءِ⁠جو انھن قومن جي عمل مان خبر پوي ٿي تہ شريعت جون ڳالھيون سندن دلين تي اُڪريل آھن ۽ سندن ضمير انھن ڳالھين جي شاھدي ٿو ڏئي. انھن جا خيال ڪڏھن پنھنجو پاڻ تي تھمت ٿا ھڻن تہ ڪڏھن پاڻ کي ڇٽل ٿا رکن.

16. انھن ڳالھين جو فيصلو انھيءَ ڏينھن ٿيندو جنھن ڏينھن خدا عيسيٰ مسيح جي معرفت ماڻھن جي دلين جي لڪل ڳالھين جو فيصلو ڪندو ۽ اھو منھنجي انھيءَ خوشخبريءَ مطابق آھي جنھن جي آءٌ تبليغ ٿو ڪريان.

17. تون ڪير آھين جو پاڻ کي يھودي ٿو سڏائين؟ تون شريعت تي ڀروسو ٿو رکين ۽ خدا تي فخر ٿو ڪرين.

18. تو کي خبر آھي تہ خدا جي رضا تنھنجي ڪھڙن ڪمن ۾ آھي، تو کي شريعت مان خبر پيئي آھي تہ صحيح رستو ڪھڙو آھي.

19. تو کي يقين آھي تہ تون انڌن لاءِ رھبر ۽ انھن لاءِ روشني آھين جيڪي اونداھيءَ ۾ آھن.

20. تون بي⁠وقوفن کي سڌاريندڙ ۽ جوانن لاءِ استاد آھين. تو کي يقين آھي تہ سڄو علم ۽ سچ تو وٽ شريعت ۾ موجود آھي.

21. ٻين کي تہ تون اھو سيکارين ٿو پر پاڻ کي ڇو نہ ٿو سيکارين؟ تون تبليغ تہ ڪرين ٿو تہ ”چوري نہ ڪر.“ پر تون پاڻ چوري ڇو ٿو ڪرين؟

22. تون چوين ٿو تہ ”زنا نہ ڪر.“ پر تون پاڻ زنا ڇو ٿو ڪرين؟ تون بتن کان تہ نفرت ڪرين ٿو، پر تون خدا جي بي⁠حرمتي ڇو ٿو ڪرين؟

23. اي يھودي! تون شريعت تي فخر تہ ڪرين ٿو، پر تون پاڻ شريعت جا حڪم ڀڃي خدا جي بي⁠حرمتي ڇو ٿو ڪرين؟

24. ڇا ھي لکيل نہ آھي تہ ”اوھان يھودين جي ڪري ئي غير قومون خدا جي نالي خلاف ڪفر بڪين ٿيون.“

مڪمل باب پڙهڻ رومين 2