نئين عهد نامي

رومين 14:6-12 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

6. جيڪڏھن ڪو ڪنھن ڏينھن کي سڀاڳو ٿو سمجھي تہ ھو خداوند جي ڪري ئي ائين ٿو سمجھي ۽ جيڪو گوشت ٿو کائي سو بہ خداوند جي ڪري ئي کائي ٿو، ڇالاءِ⁠جو ھو انھيءَ لاءِ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪري. پر جيڪو نہ ٿو کائي سو بہ خداوند جي ڪري ئي نہ ٿو کائي ۽ ھو بہ انھيءَ لاءِ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪري.

7. اسان مان ڪوبہ پنھنجي لاءِ نہ ٿو جيئي ۽ نڪي پنھنجي لاءِ ٿو مري.

8. سو جيڪڏھن اسين جيئون ٿا تہ خداوند جي خاطر ۽ جي مرون ٿا تہ بہ خداوند جي خاطر. تنھنڪري اسين جيئون توڙي مرون تہ بہ خداوند جا ئي آھيون.

9. مسيح انھيءَ لاءِ مئو ۽ وري جيئرو ٿي اٿيو تہ جيئن ھو مئلن توڙي جيئرن ٻنھي جو خداوند ٿئي.

10. تہ پوءِ تون پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ تي تھمت ڇو ٿو ھڻين؟ يا وري پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ کي گھٽ ڇو ٿو سمجھين؟ ڇالاءِ⁠جو اسين سڀ خدا جي آڏو حاضر ٿينداسين ۽ اھو ئي فيصلو ڪندو.

11. جيئن لکيل آھي تہ”خداوند فرمائي ٿو تہ’آءٌ جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہھر ھڪ منھنجي اڳيان گوڏا کوڙيندو،۽ سڀڪا زبان مون خدا جي واکاڻ ڪندي.‘“

12. اھڙيءَ طرح اسان مان ھر ھڪ خدا کي پنھنجو پنھنجو حساب ڏيندو.

مڪمل باب پڙهڻ رومين 14