نئين عهد نامي

رومين 14:1-9 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. جنھن جو ايمان ڪمزور آھي تنھن جو آڌرڀاءُ ڪريو، پر انھيءَ سان اجايو بحث نہ ڪريو.

2. ھڪڙي ماڻھوءَ جو اعتقاد آھي تہ ھر ڪا شيءِ کائڻ جائز آھي، پر ٻئي جو ايمان ڪمزور آھي سو رڳو ڀاڄي ٿو کائي.

3. جيڪو سڀ ڪجھہ کائي ٿو سو نہ کائڻ واري کي گھٽ نہ سمجھي ۽ جيڪو نہ ٿو کائي سو کائڻ واري تي ڪابہ تھمت نہ ھڻي، ڇالاءِ⁠جو خدا ھن کي قبول ڪيو آھي.

4. تون ڪير ٿيندو آھين جو ڪنھن ٻئي جي نوڪر تي تھمت ٿو ھڻين؟ انھيءَ جي ڪامياب يا ناڪام ھجڻ جي فيصلي جو اختيار سندس مالڪ کي ئي آھي. پر ھو ڪامياب ٿيندو، ڇالاءِ⁠جو خداوند ھن کي ڪامياب ڪري سگھي ٿو.

5. ڪو ماڻھو سمجھي ٿو تہ فلاڻو ڏينھن ٻين ڏينھن کان وڌيڪ بھتر آھي. پر ٻئي ماڻھوءَ لاءِ سڀ ڏينھن ھڪ جھڙا آھن. ھر ھڪ کي پنھنجو پنھنجو پختو خيال ھئڻ گھرجي.

6. جيڪڏھن ڪو ڪنھن ڏينھن کي سڀاڳو ٿو سمجھي تہ ھو خداوند جي ڪري ئي ائين ٿو سمجھي ۽ جيڪو گوشت ٿو کائي سو بہ خداوند جي ڪري ئي کائي ٿو، ڇالاءِ⁠جو ھو انھيءَ لاءِ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪري. پر جيڪو نہ ٿو کائي سو بہ خداوند جي ڪري ئي نہ ٿو کائي ۽ ھو بہ انھيءَ لاءِ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪري.

7. اسان مان ڪوبہ پنھنجي لاءِ نہ ٿو جيئي ۽ نڪي پنھنجي لاءِ ٿو مري.

8. سو جيڪڏھن اسين جيئون ٿا تہ خداوند جي خاطر ۽ جي مرون ٿا تہ بہ خداوند جي خاطر. تنھنڪري اسين جيئون توڙي مرون تہ بہ خداوند جا ئي آھيون.

9. مسيح انھيءَ لاءِ مئو ۽ وري جيئرو ٿي اٿيو تہ جيئن ھو مئلن توڙي جيئرن ٻنھي جو خداوند ٿئي.

مڪمل باب پڙهڻ رومين 14