نئين عهد نامي

اِفسين 4:1-16 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. تنھنڪري آءٌ، جيڪو خداوند جي خاطر قيدي آھيان، اوھان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ جنھن مقصد لاءِ خدا اوھان کي سڏيو آھي انھيءَ جي لائق زندگي گذاريو.

2. ڏاڍي نھٺائيءَ ۽ نِوڙت سان رھو، صبر ڪريو ۽ پيار سان ھڪ ٻئي جي برداشت ڪريو.

3. انھيءَ ايڪي کي جيڪو پاڪ روح اوھان کي بخشي ٿو، صلح جي ٻنڌڻ وسيلي قائم رکڻ جي دل سان ڪوشش ڪريو.

4. ھڪڙو ئي بدن آھي ۽ ھڪڙو ئي پاڪ روح، جيئن اوھين بہ ھڪڙي ئي اميد لاءِ سڏيا ويا آھيو.

5. ھڪڙو ئي خداوند، ھڪڙو ئي ايمان ۽ ھڪڙي ئي بپتسما آھي.

6. سڀني جو خدا ۽ پيءُ ھڪڙو ئي آھي جيڪو سڀني جي مٿان آھي، سڀني جي وسيلي ڪم ڪري ٿو ۽ سڀني ۾ رھي ٿو.

7. پر اسان مان ھر ھڪ کي اھڙيءَ طرح فضل عطا ٿيو آھي جھڙيءَ طرح مسيح انھيءَ کي پنھنجي انداز موجب ورھايو.

8. جنھن ڪري پاڪ ڪلام ۾ لکيل آھي تہ”جڏھن ھو مٿي چڙھي ويو،تڏھن قيدين کي پاڻ سان وٺي ويو،۽ ماڻھن کي سوکڙيون ڏنائين.“

9. ھاڻي سندس مٿي چڙھي وڃڻ جو مطلب ھن کان سواءِ ٻيو ڇا آھي تہ ھو پھريائين ھيٺ زمين تي بہ لٿو.

10. ھو جيڪو ھيٺ لٿو سو اھو ساڳيو ئي آھي جيڪو سڀني آسمانن کان بہ تمام مٿي چڙھي ويو، انھيءَ لاءِ تہ ھو سموري ڪائنات کي ڀرپور ڪري.

11. ھن ڪن کي رسول، ڪن کي نبي، ڪن کي خوشخبري ڏيندڙ، ڪن کي پاسبان ۽ استاد مقرر ڪري ڏنو.

12. انھيءَ لاءِ تہ خدا جي سڄي قوم خدمت جي ڪم لاءِ تيار ٿئي، تہ جيئن مسيح جو بدن يعني ڪليسيا ترقي ڪري.

13. ايستائين جو اسين سڀ خدا جي فرزند کي ڄاڻڻ ۽ مٿس ايمان رکڻ ۾ ھڪ ٿي ڪامل انسان بڻجون. اھڙيءَ طرح اسين ايمان ۾ بالغ ٿيون يعني مسيح وانگر پوريءَ طرح ڪامل بڻجي وڃون.

14. انھيءَ کان پوءِ اڳتي اسين ٻارڙا نہ رھون ۽ ماڻھن جي ٺڳي ۽ مڪاريءَ جي ڪري سندن گمراھہ ڪندڙ منصوبن پٺيان ھر قسم جي تعليم جي جھوٽي سان ڇولين وانگر ھيڏي ھوڏي گھلبا ۽ لڙھندا نہ وتون.

15. پر اٽلندو پيار جي جذبي سان سچ تي ھلي سڀني ڳالھين ۾ مسيح سان ڳنڍجڻ لاءِ وڌندا وڃون، جيڪو ڪليسيا جو سر آھي.

16. اتان ئي سارو بدن، سنڌ سنڌ جي ڳنڍجڻ سان جڙي ٿو. سو جيڪڏھن ھر ھڪ عضوو صحيح نموني ۾ ڪم ڪري ٿو تہ سارو بدن وڌي ٿو ۽ پنھنجو پاڻ کي پيار جي وسيلي ترقي وٺائيندو رھي ٿو.

مڪمل باب پڙهڻ اِفسين 4