نئين عهد نامي

اِفسين 1:9-20 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

9. خدا پوريءَ حڪمت ۽ دانائيءَ سان پنھنجي مرضيءَ جو لڪل ارادو اسان تي ظاھر ڪيو، جيڪو ھن مسيح جي وسيلي پوري ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ ئي طئي ڪري ڇڏيو ھو.

10. انھيءَ لاءِ تہ جيئن زمانن جي پوري ٿيڻ تي اھڙو بندوبست ٿئي جو سڀ شيون جيڪي آسمان توڙي زمين تي آھن سي مسيح جي سنڀال ھيٺ گڏجي وڃن.

11. اسين بہ جيڪي اڳي ئي مقرر ڪيا ويا ھئاسين، سي مسيح سان گڏجي ھڪ ھئڻ ڪري خدا جا ماڻھو ڪري چونڊيا وياسين. اھو خدا جي ارادي موافق ٿيو جيڪو سڀ ڪجھہ پنھنجي مرضيءَ جي مصلحت موجب ڪري ٿو.

12. خدا جي مرضي ھئي تہ اسان، جن اڳواٽ ئي مسيح ۾ اميد رکي ھئي، سي سندس جلال جي تعريف جو سبب ٿيون.

13. اوھين بہ مسيح جا ٿيا جڏھن اوھان سچائيءَ جو ڪلام يعني اھا خوشخبري ٻڌي، جيڪا اوھان لاءِ ڇوٽڪاري جو سبب بڻي. اوھان مسيح تي ايمان آندو ۽ خدا پنھنجو واعدو پورو ڪندي اوھان کي پاڪ روح ڏنو، جيڪو سندس مالڪيءَ جي مُھر آھي.

14. اھو روح اسان جي ميراث جو پھريون حصو آھي، جيستائين انھن ماڻھن جو پوريءَ طرح ڇوٽڪارو ٿئي جيڪي خدا جي ملڪيت آھن، انھيءَ لاءِ تہ خدا جي جلال جي تعريف ٿئي.

15. تنھنڪري ئي اوھان جو عيسيٰ مسيح تي ايمان ۽ خدا جي سڄي قوم لاءِ محبت جيڪا ظاھر ڪريو ٿا، تن بابت ٻڌي

16. آءٌ اوھان لاءِ خدا جو شڪر ڪرڻ کان باز نہ ٿو اچان، ۽ پنھنجين دعائن ۾ اوھان کي ياد ڪندو رھندو آھيان.

17. آءٌ خداوند عيسيٰ مسيح جي خدا، جيڪو جلال ڀريو پيءُ آھي تنھن کان دعا گھرندو آھيان تہ ھو اوھان کي دانائيءَ وارو روح عطا ڪري جيڪو خدا کي اوھان تي ظاھر ڪري تہ جيئن اوھين ھن کي پوريءَ طرح سڃاڻو.

18. آءٌ ھيءَ بہ دعا گھرندو آھيان تہ اوھان جون روحاني اکيون روشن ٿين، تہ جيئن اوھان کي خبر پوي تہ ھن ڪھڙي اميد رکڻ لاءِ اوھان کي سڏيو آھي. سندس جلال ڀري ميراث، جيڪا ھن پنھنجي قوم لاءِ رکي آھي سا ڪيڏي نہ وڏي دولت آھي،

19. ۽ ھن جي وڏي قدرت اسان ايمان وارن لاءِ ڪھڙي نہ بي⁠انداز آھي.

20. اھا قدرت خدا جي زبردست طاقت جي ان اثر موجب آھي جيڪو ھن مسيح ۾ ظاھر ڪيو، جڏھن کيس مئلن مان جيئرو ڪري اٿاريائين ۽ آسمان ۾ پنھنجي ساڄي پاسي ويھاريائين.

مڪمل باب پڙهڻ اِفسين 1