نئين عهد نامي

اِفسين 1:19-23 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

19. ۽ ھن جي وڏي قدرت اسان ايمان وارن لاءِ ڪھڙي نہ بي⁠انداز آھي.

20. اھا قدرت خدا جي زبردست طاقت جي ان اثر موجب آھي جيڪو ھن مسيح ۾ ظاھر ڪيو، جڏھن کيس مئلن مان جيئرو ڪري اٿاريائين ۽ آسمان ۾ پنھنجي ساڄي پاسي ويھاريائين.

21. اُتي مسيح ھر طرح جي حڪومت، اختياري، طاقت ۽ بادشاھت کان گھڻو مٿاھون آھي. ڪوبہ اختياريءَ وارو لقب جيڪو نہ رڳو ھن زماني ۾ بلڪ ايندڙ زماني ۾ بہ ڪنھن کي حاصل ٿيندو، تنھن کان مسيح جو لقب مٿاھون آھي.

22. اھڙيءَ طرح خدا سڀ ڪجھہ مسيح جي پيرن ھيٺ ڪري ڇڏيو ۽ کيس ڪليسيا جي ھر ڳالھہ جو سر بڻايو.

23. اھا ڪليسيا مسيح جو بدن ۽ سندس ڀرپوري آھي. ھو پاڻ ئي ھر شيءِ کي ھر طرح سان ڀرپور ڪري ٿو.

مڪمل باب پڙهڻ اِفسين 1