نئين عهد نامي

2.ڪرنٿين 9:1-12 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. ايمان وارن لاءِ جيڪا خدمت ڪجي ٿي، تنھن بابت مون کي اوھان ڏانھن لکڻ جي ڪابہ ضرورت نہ آھي.

2. ڇالاءِ⁠جو مون کي خبر آھي تہ اوھين مدد ڪرڻ لاءِ شوق رکو ٿا. جنھن جي ڪري آءٌ مڪدونيا پرڳڻي جي ماڻھن اڳيان اوھان تي فخر ٿو ڪريان تہ اوھين اخيا پرڳڻي جا ماڻھو گذريل سال کان مدد ڪرڻ لاءِ تيار آھيو. اوھان جي سرگرميءَ انھن مان گھڻن کي جوش ڏياريو آھي.

3. پر مون پنھنجن ڀائرن کي انھيءَ لاءِ موڪليو آھي تہ جيڪو فخر آءٌ اوھان تي ڪريان ٿو سو ھن ڳالھہ ۾ خالي لفظن وانگر ثابت نہ ٿئي، بلڪ جيئن مون چيو آھي تيئن اوھين تيار رھجو.

4. ائين نہ ٿئي جو جيڪڏھن مڪدونيا جا ڪي ماڻھو مون سان گڏ اچن ۽ اوھان کي تيار نہ ڏسن، تہ پوءِ اوھان تي ڪيل اعتبار جي ڪري نہ رڳو اسان کي پر اوھان کي بہ شرمندو ٿيڻو پوي.

5. تنھنڪري مون ڀائرن کي اھو تاڪيد ڪرڻ ضروري سمجھيو تہ ھو اڳواٽ اوھان وٽ اچن ۽ جنھن نذراني جو اوھان انجام ڪيو آھي، سو پھريائين تيار ڪري رکن، تہ جيئن اھو زور زبردستيءَ سان گڏ ڪيل نہ، پر بخشش وانگر معلوم ٿئي.

6. ياد رکو تہ جيڪو ٿورو ٻج ٿو پوکي سو لڻندو بہ ٿورو ۽ جيڪو گھڻو ٿو پوکي سو لڻندو بہ گھڻو.

7. جيئن ھر ڪنھن ماڻھوءَ دل ۾ جيترو ڏيڻ جو ارادو ڪيو آھي تيئن اوترو ئي ڏئي، نہ ڪُرڪي ڪنجھي ۽ نڪي لاچاريءَ سان، ڇوتہ خدا خوشيءَ سان ڏيڻ واري کي پيار ٿو ڪري.

8. خدا اوھان تي ھر طرح جو فضل وڌائي سگھي ٿو، تہ جيئن ھر شيءِ اوھان وٽ ھر وقت ۽ ھر حالت ۾ اوھان جي ضرورت کان گھڻي ھجي ۽ اوھين ھر نيڪ ڪم ۾ وڌندا وڃو.

9. جيئن پاڪ لکت ۾ آھي تہ”ھن ڪثرت سان ورھايو آھي،ھن غريبن کي ڏنو آھي،ھن جي سخاوت ھميشہ تائينقائم رھندي.“

10. خدا، جيڪو پوکيندڙ کي ٻج ۽ کائڻ لاءِ ماني ٿو ڏئي، سو اوھان کي بہ پوکڻ لاءِ ٻج ڏيندو ۽ انھيءَ کي وڌائيندو. اھو ئي اوھان جي سخاوت جو ڦل بہ وڌائيندو.

11. اوھين ھر شيءِ ۾ آسودگي ڏسي ھر طرح جي سخاوت ڪندا، جيڪا اسان جي معرفت خدا جي شڪرگذاريءَ جو سبب ھوندي.

12. ڇالاءِ⁠جو ھن خدمت انجام ڏيڻ سان نہ رڳو ايمان وارن جون گھرجون پوريون ٿين ٿيون، بلڪ اھا گھڻن ماڻھن جي طرفان خدا جي شڪرگذارين جي ڪري گھڻي وڌي بہ وڃي ٿي.

مڪمل باب پڙهڻ 2.ڪرنٿين 9