نئين عهد نامي

2.ڪرنٿين 7:7-11 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

7. اسان کي نہ رڳو ھن جي اچڻ ڪري تسلي ملي، پر انھيءَ تسليءَ جي ڪري بہ جيڪا ھن کي اوھان کان ملي. ھن اسان کي ٻڌايو تہ اوھين مون کي ڏسڻ لاءِ ڪيترو نہ شوق رکو ٿا، ڪيڏو نہ غم اٿوَ ۽ منھنجي ساٿ ڏيڻ لاءِ ڪيترو نہ تيار آھيو. انھيءَ ڪري آءٌ اڃا بہ وڌيڪ خوش ٿيس.

8. جيتوڻيڪ منھنجي خط اوھان کي غمگين ڪيو، تڏھن بہ ان لکئي تي آءٌ نہ ٿو پڇتايان. جيڪڏھن پڇتايو ھوم تہ اھو ڏسي ڪري تہ خط اوھان کي صرف ٿوري دير لاءِ غمگين ڪيو.

9. ھاڻي آءٌ خوش آھيان، انھيءَ لاءِ نہ تہ اوھين غمگين ٿيا آھيو، پر انھيءَ لاءِ تہ اوھان جي غمگينيءَ جو اھو نتيجو نڪتو جو اوھان توبھہ ڪئي. سو اوھان جي غمگيني خدا جي مرضيءَ موجب ھئي، تنھنڪري اسان جي طرفان اوھان کي ڪنھن بہ قسم جو نقصان نہ پھتو.

10. ڇالاءِ⁠جو اھڙو غم جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب آھي سو توبھہ پيدا ٿو ڪري. اھڙي توبھہ جنھن جو نتيجو ڇوٽڪارو آھي، تنھن ۾ ڪوبہ پڇتاءُ نہ ٿو ٿئي. پر دنياوي غم موت پيدا ٿو ڪري.

11. ڏسو، اوھان جي غمگيني جيڪا خدا جي مرضيءَ موجب ھئي، تنھن اوھان ۾ ڪھڙي نہ سرگرمي ۽ پاڻ کي بي⁠ڏوھي ثابت ڪرڻ لاءِ شوق پيدا ڪيو، ڪھڙي نہ رنجش، ڪھڙو نہ خوف، ڪھڙي نہ سڪ ۽ ڪھڙو نہ شوق پيدا ڪيو ۽ اوھين ڪھڙيءَ طرح بدڪار کي سيکت ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويا. اوھان ھر طرح سان ثابت ڪري ڏيکاريو تہ اوھين ھن معاملي ۾ بي⁠ڏوھي آھيو.

مڪمل باب پڙهڻ 2.ڪرنٿين 7