نئين عهد نامي

2.ڪرنٿين 7:1-8 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. اي پيارا دوستو! جڏھن اسان سان اھڙا واعدا ڪيا ويا آھن، تہ پوءِ اچو تہ پاڻ کي ھر انھيءَ شيءِ کان پاڪ ڪريون جيڪا اسان جي جسم ۽ روح ٻنھي کي پليت ڪري ٿي ۽ خدا جو خوف رکندي مڪمل طرح پاڪ ٿي وڃون.

2. اسان کي پنھنجين دلين ۾ جاءِ ڏيو. اسان ڪنھن سان بہ ظلم نہ ڪيو آھي، نڪي ڪنھن کي بگاڙيو آھي ۽ نڪي ڪنھن کي ٺڳيو آھي.

3. آءٌ اوھان تي الزام ھڻڻ خاطر ائين نہ ٿو چوان، ڇالاءِ⁠جو مون اڳي ئي چئي ڇڏيو آھي تہ اوھان لاءِ اسانجين دلين ۾ اھڙي جاءِ آھي جو اسين جيئڻ ۽ مرڻ ۾ ھميشہ گڏ آھيون.

4. مون کي اوھان تي تمام گھڻو اعتبار آھي. آءٌ اوھان تي ڏاڍو فخر ٿو ڪريان. مون کي پوري تسلي آھي. تنھنڪري جيڪا بہ مصيبت اسان تي اچي ٿي، تنھن ۾ آءٌ تمام گھڻو خوش رھندو آھيان.

5. جڏھن اسين مڪدونيا ۾ آياسين تڏھن بہ اسان کي آرام نہ مليو، پر ھر طرف کان مصيبت ۾ گرفتار ٿي وياسين. ٻاھر جھيڙا جھڳڙا ھئا ۽ اندر خوف خطرا.

6. پر خدا، جيڪو دلگيرن کي تسلي ڏيندڙ آھي، تنھن طيطس جي اچڻ تي اسان کي تسلي ڏني.

7. اسان کي نہ رڳو ھن جي اچڻ ڪري تسلي ملي، پر انھيءَ تسليءَ جي ڪري بہ جيڪا ھن کي اوھان کان ملي. ھن اسان کي ٻڌايو تہ اوھين مون کي ڏسڻ لاءِ ڪيترو نہ شوق رکو ٿا، ڪيڏو نہ غم اٿوَ ۽ منھنجي ساٿ ڏيڻ لاءِ ڪيترو نہ تيار آھيو. انھيءَ ڪري آءٌ اڃا بہ وڌيڪ خوش ٿيس.

8. جيتوڻيڪ منھنجي خط اوھان کي غمگين ڪيو، تڏھن بہ ان لکئي تي آءٌ نہ ٿو پڇتايان. جيڪڏھن پڇتايو ھوم تہ اھو ڏسي ڪري تہ خط اوھان کي صرف ٿوري دير لاءِ غمگين ڪيو.

مڪمل باب پڙهڻ 2.ڪرنٿين 7