نئين عهد نامي

2.ڪرنٿين 4:9-16 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

9. ستايل آھيون پر اڪيلا نہ ٿا ڇڏيا وڃون، ڪيرايل آھيون تڏھن بہ ناس نہ ٿيا آھيون.

10. جھڙيءَ طرح عيسيٰ موت جھڙي زندگي گذاريندو ھو، تھڙيءَ طرح اسين بہ ھر وقت موت جي منھن ۾ آھيون، تہ جيئن عيسيٰ جي زندگي بہ اسان جي جسم ۾ ظاھر ٿئي.

11. ڇالاءِ⁠جو اسين ھميشہ عيسيٰ جي خاطر جيئري ئي موت جي حوالي ڪيا ٿا وڃون، تہ جيئن عيسيٰ جي زندگي بہ اسان جي فاني جسم ۾ ظاھر ٿئي.

12. ائين اسان ۾ موت، پر اوھان ۾ زندگي اثر ڪري ٿي.

13. پاڪ ڪلام ۾ لکيل آھي تہ ”مون ايمان آندو، تنھنڪري مون ڳالھايو.“ اسان جو ايمان بہ ساڳيو ئي آھي. اھڙيءَ ريت اسين ايمان آڻيون ٿا، تنھنڪري ڳالھايون ٿا.

14. اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا جنھن خداوند عيسيٰ مسيح کي مئلن مان جياريو، سو اسان کي بہ عيسيٰ سان گڏ جياريندو ۽ اوھان سان گڏ پاڻ وٽ حاضر ڪندو.

15. ھي سڀ ڪجھہ اوھان جي واسطي آھي. جيئن گھڻن ماڻھن جي ڪري فضل وڌيڪ ٿيندو پيو وڃي، تيئن شڪرانو بہ وڌندو پيو وڃي، جنھن سان خدا جي واکاڻ ٿئي ٿي.

16. تنھنڪري اسين ھمت نہ ٿا ھاريون. جيتوڻيڪ جسماني طرح اسين فنا ٿيندا ٿا وڃون، تڏھن بہ روحاني طرح ڏينھون ڏينھن نوبنو ٿيندا پيا وڃون.

مڪمل باب پڙهڻ 2.ڪرنٿين 4