نئين عهد نامي

2.ڪرنٿين 4:1-5 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. سو اسان تي خدا جو اھڙو رحم ٿيو آھي، جو اسان کي ھيءَ خدمت ملي آھي. تنھنڪري اسين ھمت نہ ٿا ھاريون،

2. بلڪ اسان بي⁠شرميءَ واريون ۽ لڪل ڳالھيون ڇڏي ڏنيون آھن. اسين ٺڳيءَ سان نہ ٿا ھلون ۽ نڪي خدا جي ڪلام ۾ ڦيرڦار ٿا ڪريون. اٽلندو سچ کي پڌرو ڪري خدا جي آڏو ھر ھڪ ماڻھوءَ جي دل ۾ پنھنجي نيڪي ٿا ڄمايون.

3. پر جيڪڏھن اسان جي خوشخبريءَ تي پردو پيل آھي تہ اھا خوشخبري انھن جي ئي لاءِ ڍڪيل آھي جيڪي ناس ٿي رھيا آھن.

4. اھي ايمان نہ ٿا آڻين، ڇالاءِ⁠تہ جنھن کي ھن زماني جا ماڻھو خدا ڪري مڃين ٿا ان خدا، يعني شيطان انھن جي عقل کي انڌو ڪري ڇڏيو آھي. ھو نہ ٿو چاھي تہ مسيح جيڪو خدا جي صورت آھي، تنھن جي جلال جي باري ۾ خوشخبريءَ جي روشني انھن تي پوي.

5. ڏسو، اسين پنھنجي نہ پر عيسيٰ مسيح جي تبليغ ڪريون ٿا تہ ھو خداوند آھي. پنھنجي لاءِ ھيئن ٿا چئون تہ عيسيٰ جي خاطر اسين اوھان جا خادم آھيون.

مڪمل باب پڙهڻ 2.ڪرنٿين 4