نئين عهد نامي

2.ڪرنٿين 3:1-13 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. اسين وري پنھنجي ساراھہ پاڻ ٿا ڪريون ڇا؟ يا اسان کي ڪن ماڻھن وانگر سفارشي خط اوھان وٽ آڻڻ يا وٺي وڃڻ جي ضرورت آھي ڇا؟

2. نہ، اسان جو خط تہ اوھين ئي آھيو، جيڪو اسان جي دلين تي لکيل آھي ۽ ان کي سڀ ماڻھو پڙھي ۽ سمجھي سگھن ٿا.

3. اھا ڳالھہ ظاھر آھي تہ اوھين مسيح جو لکيل خط آھيو، جيڪو اسان جي خدمت جي وسيلي موڪليو ويو آھي. اھو خط مس سان نہ پر زندہ خدا جي روح سان، پٿر جي سليٽن تي نہ پر ماڻھن جي دلين تي لکيل آھي.

4. اسين مسيح جي وسيلي خدا تي اھڙو ئي يقين رکڻ جي دعويٰ ڪري سگھون ٿا.

5. ائين نہ آھي تہ اسين پنھنجو پاڻ انھيءَ لائق آھيون جو ڪنھن ڪم جي دعويٰ ڪري سگھون، پر اسان جي لياقت خدا جي طرفان آھي.

6. اھو ئي آھي، جنھن اسان کي نئين عھد جي خادم ھئڻ جي لائق ڪيو. اھو عھد اکرن جو نہ پر پاڪ روح جو آھي، ڇالاءِ⁠جو اکر مارين ٿا پر روح جياري ٿو.

7. ھاڻي موت وارو اھو عھد جيڪو پٿرن تي اُڪريل ھو، سو اھڙي تہ جلوي وارو ٿيو جو بني اسرائيل موسيٰ جي چمڪندڙ منھن ڏانھن غور سان نھاري نہ ٿي سگھيا، جيتوڻيڪ اھو جلوو جھڪو ٿيندو ٿي ويو.

8. جيڪڏھن اھو موت وارو عھد ايترو جلوي وارو ھو، تہ پوءِ پاڪ روح جو عھد ڪيترو نہ وڌيڪ جلوي وارو ھوندو!

9. جيڪڏھن اھو عھد جيڪو ڏوھاري ٿو بڻائي سو ايڏي جلوي وارو آھي، تہ پوءِ جنھن عھد جي ڪري ماڻھو سچار ٿو بڻجي سو تہ ضرور انھيءَ کان بہ وڌيڪ جلوي وارو ھوندو.

10. ڇالاءِ⁠جو حقيقت ڪري جيڪو اڳ جلوي وارو ھو، سو ھن ٻئي تمام وڌيڪ جلوي واري جي ڀيٽ ۾ ڄڻ تہ بي⁠جلوي ٿي پيو.

11. سو جيڪڏھن اھا فنا ٿيندڙ شيءِ جلوي واري ھئي تہ ھي بقا واري شيءِ ڪيترو نہ وڌيڪ جلوي واري ھوندي!

12. تنھنڪري اسين اھڙي اميد جي ڪري وڏي دليريءَ سان ڳالھايون ٿا.

13. اسين موسيٰ وانگر نہ آھيون، جنھن پنھنجي منھن تي پردو وڌو تہ متان بني اسرائيل جلوي کي گھٽجندي ۽ فنا ٿيندي ڏسن.

مڪمل باب پڙهڻ 2.ڪرنٿين 3