نئين عهد نامي

2.ڪرنٿين 13:3-13 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

3. انھيءَ مان اوھان کي پنھنجي گھربل ثابتي ملندي تہ مسيح منھنجي معرفت ڳالھائي ٿو. ھو اوھان سان واسطي رکڻ ۾ ڪمزور نہ آھي، پر اوھان ۾ زورآور آھي.

4. جيتوڻيڪ ھو ڪمزوريءَ جي ڪري صليب تي چاڙھيو ويو، تڏھن بہ خدا جي قدرت سان جيئرو آھي. اھڙيءَ طرح اسين بہ مسيح سان گڏجي ھڪ ھئڻ ڪري ڪمزور آھيون، پر خدا جي قدرت سان اوھان جي خدمت لاءِ ساڻس گڏ جيئنداسين.

5. اوھين پاڻ کي جاچي ڏسو تہ ايمان تي آھيو يا نہ ۽ پاڻ کي آزمايو. ڇا اوھين پاڻ بابت ھي نہ ٿا ڄاڻو تہ عيسيٰ مسيح اوھان ۾ آھي؟ جيڪڏھن نہ، تہ اوھين آزمائش ۾ بلڪل ناڪام آھيو.

6. پر مون کي اميد آھي تہ اوھان کي خبر پوندي تہ اسين ناڪام نہ آھيون.

7. ھاڻي اسين خدا کان دعا ٿا گھرون تہ اوھين ڪا بڇڙائي نہ ڪريو. انھيءَ لاءِ نہ، تہ اسين ڪامياب ڏسڻ ۾ اچون، پر انھيءَ لاءِ تہ اوھين اھو ئي ڪريو جيڪو چڱو ھجي، توڙي اسين ناڪام ئي سمجھيا وڃون.

8. ڇالاءِ⁠جو اسين سچائيءَ جي خلاف ڪجھہ بہ نہ ٿا ڪري سگھون، پر رڳو ھن جي حق ۾ ئي ڪري ٿا سگھون.

9. جڏھن اسين ڪمزور آھيون ۽ اوھين زورآوار آھيو تڏھن اسين خوش ٿا ٿيون. اسين اھا بہ دعا ٿا گھرون تہ اوھان ۾ مڪمل سڌارو اچي.

10. آءٌ پنھنجي غيرحاضريءَ ۾ ھي ڳالھيون لکان ٿو تہ جڏھن اوھان وٽ اچان تڏھن مون کي اختيار موجب اوھان تي سختي ڪرڻي نہ پوي. اھو اختيار خداوند مون کي اوھان جي بگاڙڻ جي لاءِ نہ، بلڪ سڌارڻ لاءِ ڏنو آھي.

11. آخر ۾ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! شل خوش ھجو. سڌرندا رھو. منھنجي نصيحت ٻڌو. ايڪي سان رھو. امن ۾ رھو. اھڙيءَ طرح خدا جيڪو پيار ۽ امن وارو آھي سو اوھان سان ھوندو.

12. ھڪ ٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي سلام ڪجو. سڀ ايمان وارا اوھان کي سلام ٿا ڏين.

13. شل خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل ۽ خدا جو پيار ۽ پاڪ روح جي صحبت اوھان سڀني سان ھجي.

مڪمل باب پڙهڻ 2.ڪرنٿين 13