نئين عهد نامي

2.ڪرنٿين 13:2-10 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

2. جڏھن اڳئين دفعي آءٌ اوھان وٽ موجود ھوس، تڏھن اوھان کي ان وقت ئي تاڪيد ڪيو ھوم. ھاڻي آءٌ غيرحاضريءَ ۾ بہ انھن ماڻھن کي، جن ھيستائين گناھہ پئي ڪيا آھن ۽ اھڙن ٻين سڀني کي ٻيھر تاڪيد ٿو ڪريان تہ جڏھن آءٌ وري ايندس تڏھن ڪنھن کي بہ نہ ڇڏيندس.

3. انھيءَ مان اوھان کي پنھنجي گھربل ثابتي ملندي تہ مسيح منھنجي معرفت ڳالھائي ٿو. ھو اوھان سان واسطي رکڻ ۾ ڪمزور نہ آھي، پر اوھان ۾ زورآور آھي.

4. جيتوڻيڪ ھو ڪمزوريءَ جي ڪري صليب تي چاڙھيو ويو، تڏھن بہ خدا جي قدرت سان جيئرو آھي. اھڙيءَ طرح اسين بہ مسيح سان گڏجي ھڪ ھئڻ ڪري ڪمزور آھيون، پر خدا جي قدرت سان اوھان جي خدمت لاءِ ساڻس گڏ جيئنداسين.

5. اوھين پاڻ کي جاچي ڏسو تہ ايمان تي آھيو يا نہ ۽ پاڻ کي آزمايو. ڇا اوھين پاڻ بابت ھي نہ ٿا ڄاڻو تہ عيسيٰ مسيح اوھان ۾ آھي؟ جيڪڏھن نہ، تہ اوھين آزمائش ۾ بلڪل ناڪام آھيو.

6. پر مون کي اميد آھي تہ اوھان کي خبر پوندي تہ اسين ناڪام نہ آھيون.

7. ھاڻي اسين خدا کان دعا ٿا گھرون تہ اوھين ڪا بڇڙائي نہ ڪريو. انھيءَ لاءِ نہ، تہ اسين ڪامياب ڏسڻ ۾ اچون، پر انھيءَ لاءِ تہ اوھين اھو ئي ڪريو جيڪو چڱو ھجي، توڙي اسين ناڪام ئي سمجھيا وڃون.

8. ڇالاءِ⁠جو اسين سچائيءَ جي خلاف ڪجھہ بہ نہ ٿا ڪري سگھون، پر رڳو ھن جي حق ۾ ئي ڪري ٿا سگھون.

9. جڏھن اسين ڪمزور آھيون ۽ اوھين زورآوار آھيو تڏھن اسين خوش ٿا ٿيون. اسين اھا بہ دعا ٿا گھرون تہ اوھان ۾ مڪمل سڌارو اچي.

10. آءٌ پنھنجي غيرحاضريءَ ۾ ھي ڳالھيون لکان ٿو تہ جڏھن اوھان وٽ اچان تڏھن مون کي اختيار موجب اوھان تي سختي ڪرڻي نہ پوي. اھو اختيار خداوند مون کي اوھان جي بگاڙڻ جي لاءِ نہ، بلڪ سڌارڻ لاءِ ڏنو آھي.

مڪمل باب پڙهڻ 2.ڪرنٿين 13