نئين عهد نامي

2.ڪرنٿين 12:1-12 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. مون کي فخر ڪرڻو ٿو پوي، جيتوڻيڪ انھيءَ مان ڪوبہ فائدو ڪونھي. سو جيڪي رويائون ۽ مڪاشفا مون کي خداوند کان عنايت ٿيا آھن، ھاڻي آءٌ تن جو ذڪر ڪندس.

2. آءٌ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل ھڪڙي شخص کي ڄاڻان ٿو، جيڪو چوڏھن سال اڳي اوچتو ٽئين آسمان تي کنيو ويو. مون کي خبر نہ آھي تہ بدن سميت يا بدن کان سواءِ کنيو ويو. اھو خدا ئي ڄاڻي ٿو.

3. آءٌ اھو بہ ڄاڻان ٿو تہ اھو ماڻھو اوچتو بھشت تائين کنيو ويو. مون کي خبر ناھي تہ بدن سميت يا بدن کان سواءِ. اھو خدا ڄاڻي ٿو.

4. اتي ھن اھڙيون ڳالھيون ٻڌيون جيڪي بيان ڪرڻ جون نہ آھن ۽ جن جو چوڻ ماڻھوءَ کي جائز نہ آھي.

5. اھڙي شخص تي تہ آءٌ فخر ڪندس، پر سواءِ پنھنجين ڪمزورين جي آءٌ پنھنجو پاڻ تي فخر نہ ڪندس.

6. پر جيڪڏھن آءٌ فخر ڪرڻ گھران بہ، تہ بي⁠وقوف نہ ٿيندس، ڇالاءِ⁠جو آءٌ سچ ڳالھايان ٿو. تڏھن بہ آءٌ پاڻ کي روڪيان ٿو تہ متان ڪو ماڻھو، جھڙو مون کي ڏسي ٿو يا ٻڌي ٿو تنھن کان وڌيڪ سمجھي.

7. مڪاشفن جي نھايت گھڻائيءَ ڪري متان آءٌ ڦونڊجي وڃان، تنھنڪري منھنجي بدن ۾ ھڪ ڪنڊو ھنيو ويو، يعني شيطان جو قاصد، جيڪو مون کي تنگ ڪري تہ جيئن آءٌ ڦونڊجي نہ وڃان.

8. ھن بابت مون ٽي دفعا خداوند کي منٿ ڪئي تہ اھو مون کان پري ڪيو وڃي.

9. پر ھن مون کي چيو تہ ”منھنجو فضل تنھنجي لاءِ ڪافي آھي، ڇالاءِ⁠جو منھنجي قدرت ڪمزوريءَ ۾ مڪمل ٿي ٿئي.“ تنھنڪري آءٌ وڏي خوشيءَ سان پنھنجين ڪمزورين تي فخر ڪندس، تہ جيئن مسيح جي قدرت منھنجي مٿان ڇانيل رھي.

10. سو آءٌ مسيح جي خاطر ڪمزورين ۾، بي⁠عزتين ۾، گھُرجن ۾، مشڪلاتن ۾ ۽ ستائجڻ ۾ خوش ٿو رھان. ڇالاءِ⁠جو جڏھن آءٌ ڪمزور ھوندو آھيان تڏھن آءٌ طاقتور ھوندو آھيان.

11. آءٌ بي⁠وقوف تہ برابر ٿيو آھيان، پر انھيءَ لاءِ اوھان ئي مون کي مجبور ڪيو آھي. ڇالاءِ⁠جو اوھان کي منھنجي تعريف ڪرڻ گھربي ھئي. جيتوڻيڪ آءٌ ڪي ڪين آھيان، تڏھن بہ اوھان جي تمام وڏن رسولن کان ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ گھٽ نہ آھيان.

12. حقيقت ۾ مون رسول ھئڻ جون علامتون وڏي صبر سان نشانين، عجيب ڪمن ۽ معجزن سان اوھان تي ظاھر ڪيون.

مڪمل باب پڙهڻ 2.ڪرنٿين 12