نئين عهد نامي

2.ڪرنٿين 11:30-33 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

30. جيڪڏھن مون کي فخر ڪرڻو پيو تہ آءٌ انھن ڳالھين تي فخر ڪندس، جيڪي منھنجي ڪمزوري ظاھر ڪن ٿيون.

31. خداوند عيسيٰ جو خدا ۽ پيءُ، جنھن جي ھميشہ تائين واکاڻ ھجي، سو ڄاڻي ٿو تہ آءٌ ڪوڙ نہ ٿو ڳالھايان.

32. دمشق جي گورنر، جيڪو اريتاس بادشاھہ جي ھٿ ھيٺ ھو، تنھن مون کي گرفتار ڪرائڻ لاءِ دمشقين جي شھر تي پھرو بيھاري ڇڏيو ھو.

33. پر آءٌ ھڪڙي دريءَ مان ٽوڪري جي ذريعي ڀت تان ھيٺ لاٿو ويس ۽ ھن جي ھٿان بچي نڪتس.

مڪمل باب پڙهڻ 2.ڪرنٿين 11