نئين عهد نامي

2.ڪرنٿين 11:25-32 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

25. ٽي دفعا مون کي لڪڻن سان مار ملي، ھڪ دفعو پٿر ھنيا ويا، ٽي دفعا سامونڊي جھاز ڀڄڻ جي مصيبت ۾ ڦاٿس ۽ ھڪ رات ۽ ھڪ ڏينھن وچ سمنڊ ۾ گذاريم.

26. آءٌ گھڻا ئي دفعا مسافري ڪندي خطرن ۾ رھيو آھيان، يعني دريائن جي خطرن ۾، ڌاڙيلن جي خطرن ۾، پنھنجي قوم جي خطرن ۾، غير قومن جي خطرن ۾، شھر جي خطرن ۾، بيابان جي خطرن ۾، سمنڊ جي خطرن ۾ ۽ ڪوڙن ڀائرن جي خطرن ۾.

27. مون محنت ۽ مشقت ڪئي آھي، اڪثر اوجاڳا ڪاٽيا آھن، بک ۽ اُڃ ۾ اڪثر فاقن ۾ گذاريو آھي ۽ سرديءَ ۽ اگھاڙپ ۾ رھيو آھيان.

28. ٻين ڳالھين کان سواءِ ھيءَ ڳالھہ ھر روز مون تي بار وانگر ٿي رھي، يعني سڀني ڪليسيائن جي ڳڻتي.

29. ڪنھن کي ڪمزور ڏسي آءٌ ڪمزوري محسوس نہ ٿو ڪريان ڇا؟ جڏھن ڪو گمراھہ ٿو ٿئي تہ ڇا منھنجي دل نہ ٿي جلي؟

30. جيڪڏھن مون کي فخر ڪرڻو پيو تہ آءٌ انھن ڳالھين تي فخر ڪندس، جيڪي منھنجي ڪمزوري ظاھر ڪن ٿيون.

31. خداوند عيسيٰ جو خدا ۽ پيءُ، جنھن جي ھميشہ تائين واکاڻ ھجي، سو ڄاڻي ٿو تہ آءٌ ڪوڙ نہ ٿو ڳالھايان.

32. دمشق جي گورنر، جيڪو اريتاس بادشاھہ جي ھٿ ھيٺ ھو، تنھن مون کي گرفتار ڪرائڻ لاءِ دمشقين جي شھر تي پھرو بيھاري ڇڏيو ھو.

مڪمل باب پڙهڻ 2.ڪرنٿين 11