نئين عهد نامي

2.ڪرنٿين 10:10-17 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

10. ڇالاءِ⁠جو ڪو چوي ٿو تہ ”پولس جا خط بيشڪ اثر وارا ۽ زبردست آھن، پر جڏھن پاڻ حاضر ٿو ٿئي تہ ھن ۾ رعب تاب ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي ۽ تقرير ڪين جھڙي اٿس.“

11. اھڙي ماڻھوءَ کي سمجھڻ گھرجي تہ جھڙو پرپٺ خطن ۾ اسان جو ڪلام آھي اھڙو ئي روبرو اسان جو ڪم بہ ھوندو.

12. ڇالاءِ⁠جو اسان کي اھا جرئت ڪانھي جو پاڻ کي انھن ڪجھہ ماڻھن ۾ شمار ڪريون يا انھن سان ڀيٽيون جيڪي پنھنجي تعريف پاڻ ٿا ڪن. پر اھي پنھنجو پاڻ ۾ ھڪ ٻئي کي آزمائي ۽ پاڻ سان ڀيٽ ڪري نادان ٿا ٿين.

13. مگر اسين حد کان وڌيڪ فخر نہ ڪنداسين، پر خدمت جي باري ۾ اسان جو فخر انھيءَ حد جي اندر ھوندو جيڪا خدا اسان لاءِ مقرر ڪئي آھي ۽ اوھين بہ ان ۾ شامل آھيو.

14. ڇالاءِ⁠جو اسين اوھان تي حد کان وڌيڪ فخر نہ ٿا ڪريون، جھڙيءَ طرح اوھان تائين نہ پھچڻ جي حالت ۾ ٿئي ھا، پر اسان تہ مسيح جي خوشخبري ڏيندي اوھان تائين پھريائين پھچي ويا ھئاسين.

15. اسين ٻين جي محنت تي حد کان وڌيڪ فخر نہ ٿا ڪريون، پر اميد ٿا رکون تہ جيئن جيئن اوھان جو ايمان وڌندو ويندو، تيئن تيئن اسان جو ڪم مقرر ڪيل حد مطابق اوھان ۾ وڌندو ويندو.

16. سو اسين اوھان جي سرحد کان بہ پري وارن علائقن ۾ خوشخبري ٻڌائينداسين. ڪنھن ٻئي جي علائقي ۾ سندس ڪيل ڪم تي فخر نہ ڪنداسين.

17. جيئن لکيل آھي تہ ”جيڪو فخر ڪري سو خداوند تي فخر ڪري.“

مڪمل باب پڙهڻ 2.ڪرنٿين 10